ڄمورو چوٽي: کيرٿر جي هيءَ چوٽي گورک کان هيٺ اولھہ طرف آهي. هن چوٽيءَ جي ڀرسان ڄمورو لڪ آهي، جتان لھي بلوچستان ۾ ڄمورو ماٿريءَ ۾ پهچبو. ڄمورو ماٿريءَ ۾ ڄمون تمام گهڻا ٿين ٿا. کجي ۽ پيش جا وڻ ۽ ٻوٽا بہ عام جام آهن ۽ پپرل، لوهيڙي ۽ ڪهوءَ جا وڻ بہ تمام گهڻي تعداد ۾ ڏسڻ ۾ ايندا آهن. هتي ڪڻڪ، جَوق، تِر ۽ گوار جا فصل بہ تمام ڀلا ٿيندا آهن.
ساڳيءَ طرح گورک جي هن چوٽيءَ تي شاھہ بلوط، بادام، انجير ۽ ڄمن جا وڻ ڪثرت سان ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جن ۾ ميوو گهڻو ٿئي ٿو، پر لذيذ گهٽ ٿئي ٿو، ڇو تہ سڀ وڻ خودرو آهن. هن چوٽيءَ تي ڪڻڪ، تر ۽ گوار جي پوکي بہ ٿئي ٿي. آبهوا جي خيال کان هيءَ چوٽي گهڻي صحت بخش آهي، جتي تفريحي مرڪز ۽ آرامگاھہ موجود آهن.