ڄيٺاسنگهه: ڄيٺاسنگهه، شڪارپور جو شاهوڪار سيٺ هو. ڪتاب ’تـاريـخ تـازه نـواءِ مـعـارڪ‘ ۾ منشي عطا محـمـد شڪـارپـوري لکـي ٿـو تـه: ”ڄيٺاسنگهه ٽالپر دؤر ۾ شڪارپور جو شاهوڪار سيٺ هو. جنهن جو اثر رسوخ ٽالپر حڪمرانن تائين هو. جڏهن انگريز سنڌ مان خراسان ڏي روانا ٿيا ته دڳ تي ٻروچن ترڪ علي جکراڻي، بگٽين، ڊومبڪين، بيبرڪ ۽ بروهين هنن کان ڦرلٽ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. انگريز اهو نقصان ڏسندي ڪاوڙيا، پر ڳالهائي نٿي سگهيا. ان کان پوءِ وليم ايسٽڪ شڪارپور آيو، تنهن فتح محمد خان غوري (جيڪو خيرپور جي والي مير رستم خان جو خاص مشير هو) کي چئي، اهڙيءَ ڦرلٽ کان انگريزن کي بچايو. انهي کان سواءِ ڄيٺا سنگهه، بجار خان ڊومبڪيءَ کي وچ ۾ آڻي ٺاپر ڪرائي.“
شاهه شجاع شڪاپور ۾ رهي ظلم، ستم ۽ عيش ڪيا، جتي به مال ملڪيت جي خبر ٿي پيس، اتي پهچي ڦرلٽ ٿي ڪيائين. ڪنوارين ڇوڪرين کي زوري اغوا ڪرائي، پنهنجي حرم ۾ ٿي داخل ڪيائين. ان کانسواءِ سعادت خان جي زالن ۽ ٻارن ٻچن کي قيد ڪري ساڻن سخت عقوبتون ڪيائين. ’تازن معرڪن جي تاريخ‘ جي ترجمي جي فوٽ نوٽ ۾ ڄاڻايل آهي ته: ”هڪ ڀيري شاهه شجاع سان شڪارپور جو شاهوڪار سيٺ ڄيٺاسنگهه ۽ سندس ڀاءُ چترو مل وٽس لنگهي ويا، ڄيٺاسنگهه نهايت سهڻو هو ۽ سندس ڀيڻ جي حسن جي به چوڌاري هاڪ هئي. شاهه شجاع، ڄيٺاسنگهه جي حسن کي ڏسي مست ٿي پيو ۽ زوري زبردستي ڄيٺاسنگهه جي گهران سندس ڀيڻ کي گهرائي پنهنجي حرم ۾ داخل ڪيو.