ڄيٺاسنگهہ: ڄيٺاسنگهہ، شڪارپور جو شاهوڪار سيٺ هو. ڪتاب ’تـاريـخ تـازه نـواءِ مـعـارڪ‘ ۾ منشي عطا محـمـد شڪـارپـوري لکـي ٿـو تـه: ”ڄيٺاسنگهہ ٽالپر دؤر ۾ شڪارپور جو شاهوڪار سيٺ هو. جنهن جو اثر رسوخ ٽالپر حڪمرانن تائين هو. جڏهن انگريز سنڌ مان خراسان ڏي روانا ٿيا تہ دڳ تي ٻروچن ترڪ علي جکراڻي، بگٽين، ڊومبڪين، بيبرڪ ۽ بروهين هنن کان ڦرلٽ ۾ ڪا ڪسر نہ ڇڏي. انگريز اهو نقصان ڏسندي ڪاوڙيا، پر ڳالهائي نٿي سگهيا. ان کان پوءِ وليم ايسٽڪ شڪارپور آيو، تنهن فتح محمد خان غوري (جيڪو خيرپور جي والي مير رستم خان جو خاص مشير هو) کي چئي، اهڙيءَ ڦرلٽ کان انگريزن کي بچايو. انهي کان سواءِ ڄيٺا سنگهہ، بجار خان ڊومبڪيءَ کي وچ ۾ آڻي ٺاپر ڪرائي.“
شاھہ شجاع شڪاپور ۾ رهي ظلم، ستم ۽ عيش ڪيا، جتي بہ مال ملڪيت جي خبر ٿي پيس، اتي پهچي ڦرلٽ ٿي ڪيائين. ڪنوارين ڇوڪرين کي زوري اغوا ڪرائي، پنھنجي حرم ۾ ٿي داخل ڪيائين. ان کانسواءِ سعادت خان جي زالن ۽ ٻارن ٻچن کي قيد ڪري ساڻن سخت عقوبتون ڪيائين. ’تازن معرڪن جي تاريخ‘ جي ترجمي جي فوٽ نوٽ ۾ ڄاڻايل آهي تہ: ”هڪ ڀيري شاھہ شجاع سان شڪارپور جو شاهوڪار سيٺ ڄيٺاسنگهہ ۽ سندس ڀاءُ چترو مل وٽس لنگهي ويا، ڄيٺاسنگهہ نهايت سھڻو هو ۽ سندس ڀيڻ جي حسن جي بہ چوڌاري هاڪ هئي. شاھہ شجاع، ڄيٺاسنگهہ جي حسن کي ڏسي مست ٿي پيو ۽ زوري زبردستي ڄيٺاسنگهہ جي گهران سندس ڀيڻ کي گهرائي پنھنجي حرم ۾ داخل ڪيو.