ڄيٺا لال ايسراڻي ’نريش‘: ڄيٺا لال ايسراڻي، 6 اپريل 1936ع ۾ ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو، هن جون سنڌي گائڪ ۽ سنگيتڪار طور اڌ صديءَ کان مٿي خدمتون آهن، هن ڪيترا فلمي ۽ غير فلمي گيت ڪمپوز ڪري ڳايا. ڀارت ۾ ٺهندڙ سنڌي فلمن جھڙوڪ: ’لاڏلي‘، ’اڃا تہ مان ننڍڙي آهيان‘، ’شل ڌيئر نہ ڄمن‘ وغيرہ ۾ گيت بہ ڳاتائين. سنڌي فلم ’لک لھي ٿي لوڏ‘ (جا رليز نہ ٿي سگهي) ۾ پڻ هن گيت رڪارڊ ڪرايا هئا. سنگيتڪار جي حيثيت ۾ سنڌي فلم ’رات هڪ طوفان جي‘ کانسواءِ هندي ۽ پنجابي فلمن: ’ٻالڪ ڌرو‘، ’مايا مڇندر‘، ’ميران شام‘، (هندي) ۽ ’گورک ڌنڌا‘ (پنجابي) ۾ بہ سنگيت ڏنو آهي. فلم ’گموجا‘ لاءِ بہ مهيندر ڪپور سان گڏ گيت ڳايل اٿس. ملند ڪالوني بمبئيءَ ۾ رهائش هئس.
1936.04.06 عيسوي
هن جون سنڌي گائڪ ۽ سنگيتڪار طور اڌ صديءَ کان مٿي خدمتون آهن، هن ڪيترا فلمي ۽ غير فلمي گيت ڪمپوز ڪري ڳايا. ڀارت ۾ ٺهندڙ سنڌي فلمن جهڙوڪ: ’لاڏلي‘، ’اڃا ته مان ننڍڙي آهيان‘، ’شل ڌيئر نه ڄمن‘ وغيره ۾ گيت به ڳاتائين.