ڄيٺملاڻي: ڄيٺملاڻي سنڌي لوهاڻن جو هڪ پاڙو آهن، جيڪي اصل ۾ اروڙ ونشي آهن ۽ شڪارپور ۾ رهندا هئا. سندن وڏو ڏاڏو ديوان ڄيٺمل، حيدرآباد جي ميرن پاران شڪارپور جو بااختيار گورنر هو. هن شڪارپور ۾ پنهنجو ضرب خانو کوليو هو ۽ سندس نالي سان ’ج‘ اکر وارو سڪو هلندو هو. هن جي لشڪر ۾ گهڻو ڪري پٺاڻ شامل هئا، جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي ۽ ديوان ڄيٺمل کي ملازمت جي آڇ ڪئي تہ هن وٽن نوڪري نہ قبولي ۽ ملتان جي گورنر لالا مولراج وٽ وڃي رهيو، پوءِ جڏهن مير علي مراد خان خيرپور رياست جو والي ٿيو تہ کيس گهرائي ورتائين. سندس لاڏاڻو بہ خيرپور ۾ ئي ٿيو. کيس ديوان نوتنداس نالي هڪ پٽ هو، جنهن جو اولاد ڄيٺملاڻي سڏجي ٿو. هندستان جو ناميارو وڪيل رام ڄيٺملاڻي بہ هن خاندان مان آهي.