ڄيٺواڻي

ڄيٺواڻي: هي ديوانن جي نک آهي. هنن جا وڏا پنجاب کان سنڌ ۾ آيا هئا ۽ خيرپور ۾ اچي رهيا هئا. ديوان ڄيٺمل، جنهن جي نالي پويان هن خاندان وارا سڏجن ٿا، سو خود ڀڳواناڻي هو، سندس ڪٽنب مان ڪنهن ٺارو شاھہ مان آواتراماڻيءَ ديوانن مان شادي ڪئي هئي، جيڪو هڪ صغير پٽ ڇڏي مري ويو. سندس لاڏاڻي کان پوءِ سندس گهر واري خيرپور ڇڏي مائٽن وٽ ٺارو شاھہ وڃي رهي. ٺارو شاھہ جا ڄيٺواڻي، انهي مائيءَ جي پٽ جو اولاد آهن، جيڪي اڄ تائين ٺارو شاھہ ۾ رهندا آهن.


لفظ ڄيٺواڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو