
ڄڀ (زبان)

ڄڀ (زبان) 2
ڄڀ (زبان): بنيادي طرح ڄڀ ماڻهو جو اهڙو عضوو آهي، جنهن سان ماڻهوءَ کي هر ڪنهن قسم جي ذائقي پرکڻ جي خبر پئي ٿي، تنهن کان سواءِ ڄڀ (زبان) جا مختلف رنگ گهڻين بيمارين جي نشاندهي ڪن ٿا. هر صحتمند ماڻهو جي زبان آلي هوندي آهي ۽ ان جو رنگ گلابي هوندو آهي.
(الف) ڄڀ جي بناوت Structure of Tongue: ڄڀ وات جي تري ۾ ڏندن جي اندران ۽ تارونءَ جي هيٺان (يعني وات جي وچ ۾ ٿئي) ٿي، جڏهن تہ زبان جي پاڙ ڪنڌ جي هڏي جي هيٺان نڙيءَ جي مٿان ۽ زبان جي پاڙ جي هڏي (Hyoid Bone) وٽان شروع ٿئي ٿي. (ياد رهي تہ هن هڏي جي شڪل هوبهو گهوڙي جي سُنب/ نعل (Horseshoe) جي شڪل جهڙي ٿئي ٿي. زبان، لعابي پردن (Mucus Membranes)، جن کي فرنيولم (Frenulum) چئبو آهي، جي ڪري وات جي تري سان ڳنڍيل آهي. زبــان نــرم هـئـڻ جـي باوجود، زبان جو مٿاڇرو گهـڻن کـهـرن اسـتـرن (پردن) سان ڍڪيل آهي. جنهن تي هيٺيان ۽ مٿان ٽن قسمن جون اڀار نما نــنـڍڙيون ڳـوڙهـيــون (Papillae) ٿين ٿيون، جـن ۾ ذائـقــي جـــي پـرکـڻ واريــن ڳــوڙهـيـن (Test Buds) جو مرڪز ٿئي ٿو. زبان ۾ گهڻن قسمن جون مشڪون ۽ تمام وڏو ۽ اهم تنتي سرشتو (Nerve System) ۽ رت جون ناڙيون (Blood Vessels) ٿين ٿيون. جيڪي هيٺينءَ ريت آهن:
- اڀارنما ننڍڙيون ڳوڙهيون (Papillae)
- ذائقي پرکڻ واريون ڳوڙهيون (Test Buds)
- مشڪون (Muscles)
- تنتي سرشتو (Nerve System)
- رت جون ناڙيون (Blood Vessels)
1. اُڀار نما ننڍڙيون ڳوڙهيون (Papillae): ڄڀ ۾ ٽن قسمن جون هيٺيون اُڀار نما ننڍڙيون ڳوڙهيون ٿين ٿيون.
i. Circumvallate Papillae: هن قسم جون ڳوڙهيون تعداد ۾ لڳ ڀڳ اٺن کان ٻارهن ٿين ٿيون، جيڪي زبان جي هيٺان ٿين ٿيون. هر هڪ ڳوڙهي انگريزيءَ جي اکر ’ر‘ جي شڪل جي ٿئي ٿي ۽ هر هڪ ڳوڙهيءَ جي پاڙ ۾ چگهہ جهڙي کڏ (Depression) هوندي آهي. هي ڳوڙهيون ايتريون تہ وڏيون هونديون آهن، جو آسانيءَ سان زبان جي هيٺان ڏسي سگهبيون آهن.
ii. Fungiform Papillae: هن قسم جون ڳوڙهيون تمام گهڻيون ننڍڙيون سنهي ٻوار وانگي ٿين ٿيون، جيڪي زبان جي چوٽيءَ تي ۽ پاسن کان ٿين ٿيون. هي ڳوڙهيون کنڀيءَ جي شڪل وانگي ٿين ٿيون ۽ ڳاڻاٽي ۾ مٿين ڳوڙهين کان گهڻو وڌيڪ ٿين ٿيون.
iii. Filiform Pappilae: هن قسم جون ڳوڙهيون ڳاڻاٽي ۾ سڀني قسم جي ڳوڙهين کان وڌيڪ ٿين ٿيون، ۽ ڄڀ جي مٿاڇري تي اڳئين اڌ حصي ۾ ٿين ٿيون. هنن ڳوڙهين جو واسطو ڇھڻ (Touch) جي حس سان آهي.
2. ذائقي پرکڻ واريون ڳوڙهيون (Test Buds): ذائقي پرکڻ واريون ڳوڙهيون پهرين مٿين ٻن اُڀار نما ڳوڙهين سان سلهاڙيل ٿين ٿيون. ذائقي پرکڻ واريون ڳوڙهيون ڳاڻاٽي ۾ تمام گهڻيون ٿين ٿيون. هنن ڳوڙهين جي ڪري مٺي، ڪوڙي، کٽي ۽ چهري ذائقي جي خبر پوندي آهي.
3. مشڪون (Muscles): زبان مجموعي طرح پاڻمرادو ڪم ڪندڙ مشڪن (Voluntary Muscels) جي هيٺين ٻن قسمن ۾ ورهايل آهي.
i. Intrinsic Muscles: زبان جي پنھنجي وجود ۾ هن قسم جون اندريون مشڪون ڪم ڪندڙ آهن، جنهن جي ڪري زبان هلڪو ڦلڪو چري پري سگهندي آهي. هن قسم جي مشڪن جي ڪري زبان رڳو کاڌي يا پاڻي وغيرہ کي ڳيت ڏيڻ جي سگهہ رکندي آهي.
ii. Extrinsic Muscles: هن قسم جون مشڪون زبان جون گهڻيون طاقتور مشڪون آهن، جن مشڪن جي ڪري زبان کي چرپر ڪرڻ جي ڀرپور سگهہ هوندي آهي. هنن مشڪن جي مدد سان زبان وات کان ٻاهر نڪري سگهندي آهي، کاڌي کي تارون ۽ ڏندن جي وچ ۾ زور ڏيئي اٿلائي پٿلائي سگهندي آهي، کاڌي کي چٻاڙي سنهو ڪرڻ ۾ مدد ڪندي آهي. کاڌي يا پاڻيٺ وارين شين کي ڳيت ڏيئي نڙيءَ کان هيٺ معدي ڏي لاهي ڇڏيندي آهي.
4. تنتي سرشتو (Nerve System): زبان جو تنتي سرشتو دماغ جي ٻارهن تنتي نظامن (Twelve Cranial Nerves) سان جڙيل آهي. اهو ئي سبب آهي، جو زبان جو تنتي سرشتو هر وقت دماغ سان جڙيل رهي ٿو. زبان جي تنتي سرشتي ۾ زبان جي چرپر، سواد جي ڄاڻ ۽ ڇھڻ جي حواس کان وٺي زبان جي فعل تائين دماغ جون ڪيتريون ئي تنتتون حصو وٺن ٿيون. جن دماغ جي تنتن جو پيرائتي نموني بيان هيٺ ڪجي ٿو.
i. منهن جي ٽِه تھي تنت (Trigeminal Nerve): هيءَ دماغ جي تنتي سرشتي جي پنجين تنت آهي. هن تنت جي هڪ شاخ ڄڀ واري تنت (Dingual Nerve) آهـي، جنهن جي وسيـلي زبان گهربل اچار ڪڍي سگهندي آهي؛ تـنهـن کان سواءِ ٻيا حس جھڙوڪ: سرد، گرم ۽ سور محسوس ٿيڻ پڻ هن تنت جي ذمي آهي.
ii. منهن واري تنت (Facial Nerve): هيءَ دماغ جي تنتي سرشتي جي پنجين تنت آهي. هن تنت جي هڪ شاخ ڄڀ واري تنت (Dingual Nerve) آهي. هن تنت جي خابرو حصي (Sensory Branch) جي مدد سان زبان کي شين جي سواد جي خبر پوندي آهي.
iii. زبان ۽ ڳلي جي تنت (Glassopharyngeal Nerve): هيءَ دماغ جي تنتي سرشتي جي نائين تنت آهي. هنن تنتن وسيلي زبان جي چرپر، فعل ۽ گهڻين شين جي حس جي ڄاڻ ممڪن ٿيندي آهي. هيءَ ڄڀ جي مرڪزي ۽ بنيادي تنت آهي.
iv. زبان جي هيٺان واري تنت (Hypoglossal Nerve): هيءَ دماغ جي تنتي سرشتي جي ٻارهين تنت آهي. هن تنت جي ڪري زبان جي ڇھڻ وارو حس ممڪن ٿئي ٿو. هن حس جي ڪري زبان اهو اندازو لڳائيندي آهي تہ ڪا شيءِ نرم آهي؛ سخت آهي؛ هلڪي آهي؛ ڳوري آهي يا ڪيتري ماپ جي آهي؛ هن شيءِ کي چٻاڙي سگهجي ٿو يا نہ؟ ڪنهن شيءِ کي ڳيت ڏيئي سگهجي ٿي يا نہ؟ وغيرہ.
زبان جي انهيءَ تنتي سرشتي ۽ ان جي فعل مان اهو آسانيءَ سان اندازو هڻي سگهجي ٿو تہ زبان جي تنتي سرشتي جو نظام دماغ جي 5، 7، 9 ۽ 12 تنت سان جڙيل آهي. تنهن ڪري زبان جو سمورو تنتي سرشتو دماغ جي اثر هيٺ هلي ٿو.
5. جنسي ڳوڙهيون Sex Buds: جديد تحقيق مطابق زبان جي چوٽيءَ تي هڪ انچ اندر جنسي ڳوڙهين جو مرڪز آهي. اهي ڳوڙهيون Filiform Papillae سان سلهاڙيل ٿين ٿيون. تنهن ڪري هي ڳوڙهيون Filiform Papillae وانگي ڇھڻ واري حس سان تعلق رکن ٿيون. هنن ڳوڙهين ۾ جنبش تڏهن ايندي آهي. جڏهن مخالف جنس جي زبان، ٻيءَ زبان کي ڇھي. اهي ڳوڙهيون مردن جي مقابلي ۾ عورتن ۾ وڌيڪ ٿين ٿيون.
(ب) زبان جو فعل (Function of Tongue):
1. ماڻهو جيڪو کاڌو کائي ٿو، انهيءَ کي چٻاڙڻ (Mastication)، يعني ڏندن ۽ تارونءَ جي وچ ۾ اُٿل پٿل ڪرڻ، سواد محسوس ڪرائڻ ۽ زور ڏيڻ. گهربل پِڪَ سان ملائڻ زبان جو ڪم آهي.
2. چٻاڙيل کاڌي، پٽڙي شيءِ يا پاڻيءَ وغيرہ کي ڳيت ڏيئي، نڙيءَ کان هيٺ لاهڻ.
3. آواز ڪڍڻ تہ آواز جي توتارين (Vocal Cords) جو ڪم آهي، پر انهن کي لفظ ڏيڻ (اُچار ڏيڻ) زبان جو ڪم آهي. جڏهن زبان جو فالج ٿيندو آهي، تہ مريض جو آواز بند ڪونه ٿيندو آهي، پر يا تہ ڳالهائڻ چچرجي نڪرندو آهي يا ڳالهائڻ بند ٿيندو آهي.
4. زبان جو وڏو بنيادي ڪم اهو آهي تہ ڪنهن بہ کاڌي پيتي جي شيءِ جو سواد معلوم ڪرڻ هوندو آهي تہ شيءِ مٺي آ هي، ڪوڙي آهي، کٽي آهي يا لوڻاٺيل (چهري) آهي.