چؤماسو2 (لوڪ گيت): چؤماسو ٿر جو عام مقبول گيت آهي. سانوڻ جي مند ۾ هڪجيڏيون سرتيون گڏجي ’چوماسو‘ گيت ڳائينديون آهن. چوماسي/ برساتي ڏينهن ۾ ڏورانهين پنڌ تي پرڻيل ڇوڪرين جي من ۾ پنھنجي اباڻي ڳوٺ، مائٽن ۽ سرتين لاءِ اڪير ۽ ساڻن اباڻي ڳوٺ وڃي ملڻ جي تمنا، هن گيت جو مرڪزي مضمون آهي. هن گيت ۾ چوماسي جي مند ۾ ڀرجي ايندڙ ڪارن ڪڪرن، کنوڻين ۽ گوڙين کي ڏسي پرڻايل ڇوڪري، وطن، مائٽن ۽ سهيلين کي ياد ڪري ٿي. آخرڪار کيس ڀاءُ وٺڻ لاءِ اچي ٿو. جنهن سان گڏجي پنھنجي اباڻي ڳوٺ اچي ٿي. واٽ تي مينهن وسي ٿو، جنهنڪري سندس ڪپڙا پسي وڃن ٿا. ڳوٺ جي ٻاهران هوءَ پنھنجي ڀيڻ ۽ ڀيڻويي کي ڏسي ٿي، جي ٻنيءَ ۾ هر پيا ڏين ۽ ٻج پيا ڇٽين. ڳوٺ ۾ اچي پنهنجن مائٽن ۽ سهيلين سان ملي، وسڪاري جي خوشي ملهائي ٿي. يا وري جڏهن ڀاءُ، ڀيڻ کي وٺڻ لاءِ اچي ٿو، تڏهن هوءَ ڀاءُ لاءِ ڀانت ڀانت جا طعام تيار ڪري ٿي. سالو ڀيڻيوو گڏجي ماني کائين ٿا. ماني کائيندي سالو ڀيڻيوي کان پنھنجي ڀيڻ جي موڪل گهري ٿو. ڀيڻيوو لاچاري ڏيکاريندي چوي ٿو تہ تنھنجي ڀيڻ جي وڃڻ کان پوءِ مون کي ڪير ڀتو (ٻنيءَ تي ماني) آڻي ڏيندو، اٽي پيهڻ ۽ ڏڌ ولوڙڻ جو ڪم ڪير ڪندو؟ منهنجي جوان ڀيڻ جهرڪيءَ مثل آهي، جا اڄ پرڻجي يا سڀاڻي، ماءُ ٻڍڙي اٿم، جا اڄ مري يا سڀاڻي مري. اهو رکو جواب ٻڌي هو اٿي اٺ پلاڻي وڃڻ لاءِ تيار ٿئي ٿو، تڏهن ڀيڻ کيس پنهنجون تڪليفون ٻڌائي تاڪيد ڪري ٿي تہ مائٽن سان اهو ذڪر نہ ڪج، نہ تہ کين ڏک ٿيندو. هن گيت جون ٿر ۾ ڪيتريون روايتون موجود آهن:
وراڻي:
اونڌو گجي گاج، گهوري جائون،
ورسارو آيو ڏيس !
گهوري جان، چوماسو آيو ڏيس!
[گوڙيون گجن پيون، گهور ٿيان، منهنجي ڏيھہ ۾ وسڪارو ٿيو آهي،
گهورجي وڃان جو منهنجي ديس ۾ چوماسو آيو آهي.]
ڀريوڙو ڏاڏاڻي رو ڏيس،
ورسي ڀريا ٽوڀا ٽوڀڙين!
ورسارو آيو ڏيس!
[منهنجو ڏاڏاڻو ڏيھہ وٺو آهي، ٽوڀا ۽ ترايون تار ٿي ويون آهن. ڏيھہ ۾ وسڪارو ٿيو آهي.]
ڌيئا ٻائي نان تيڙوجا،
اونڏو منڏي ويرا گاسيڙو،
ورسارو آيو ڏيس!
[ڀيڻ کي وٺي اچڻ لاءِ اي وڏا ڀاءُ (اُٺ جو) گاشيو تيار ڪج، ڏيھہ ۾ وسڪارو ٿيو آهي.]
اونڏين کوين کنوڻين ري گهوري،
جهرمر برسين مينهن،
ورسارو آيو ڏيس !
[گهور وڃان، پري کان کنوڻيون تجلا پيون ڪن ۽ مينهن بہ پيو وسي. ڏيھہ ۾ وسڪارو ٿيو آهي.]
ڀيجي ڪرهلئي ري مهار،
ڀنيو مانهنجي ويري رو مورهيڙو،
گهوري جان چوماسو آيو ڏيس!
[برسات ۾ ڪرهي جي مهار ۽ منهنجي ڀاءُ جو ڳاڙهو پٽڪو ڀِڄي پاڻي ٿي پيو آهي. ڏيھہ ۾ چوماسو وريو آهي.]
ڀيجي هر کيڙيتي رو ٻاجهرو،
ڀيجي ڌيئا ٻائي رو هار،
ورسارو آيو ڏيس!
[هر ڪاهيندڙ جي ٻاجهريءَ جي پوک ۽ منهنجي ڀيڻ جو هار بہ پُسي پيو آهي. ڏيھہ ۾ مينهن پيو آهي.]