چؤماسو2 (لوڪ گيت): چؤماسو ٿر جو عام مقبول گيت آهي. سانوڻ جي مند ۾ هڪجيڏيون سرتيون گڏجي ’چوماسو‘ گيت ڳائينديون آهن. چوماسي/ برساتي ڏينهن ۾ ڏورانهين پنڌ تي پرڻيل ڇوڪرين جي من ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ، مائٽن ۽ سرتين لاءِ اڪير ۽ ساڻن اباڻي ڳوٺ وڃي ملڻ جي تمنا، هن گيت جو مرڪزي مضمون آهي. هن گيت ۾ چوماسي جي مند ۾ ڀرجي ايندڙ ڪارن ڪڪرن، کنوڻين ۽ گوڙين کي ڏسي پرڻايل ڇوڪري، وطن، مائٽن ۽ سهيلين کي ياد ڪري ٿي. آخرڪار کيس ڀاءُ وٺڻ لاءِ اچي ٿو. جنهن سان گڏجي پنهنجي اباڻي ڳوٺ اچي ٿي. واٽ تي مينهن وسي ٿو، جنهنڪري سندس ڪپڙا پسي وڃن ٿا. ڳوٺ جي ٻاهران هوءَ پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀيڻويي کي ڏسي ٿي، جي ٻنيءَ ۾ هر پيا ڏين ۽ ٻج پيا ڇٽين. ڳوٺ ۾ اچي پنهنجن مائٽن ۽ سهيلين سان ملي، وسڪاري جي خوشي ملهائي ٿي. يا وري جڏهن ڀاءُ، ڀيڻ کي وٺڻ لاءِ اچي ٿو، تڏهن هوءَ ڀاءُ لاءِ ڀانت ڀانت جا طعام تيار ڪري ٿي. سالو ڀيڻيوو گڏجي ماني کائين ٿا. ماني کائيندي سالو ڀيڻيوي کان پنهنجي ڀيڻ جي موڪل گھري ٿو. ڀيڻيوو لاچاري ڏيکاريندي چوي ٿو ته تنهنجي ڀيڻ جي وڃڻ کان پوءِ مون کي ڪير ڀتو (ٻنيءَ تي ماني) آڻي ڏيندو، اٽي پيهڻ ۽ ڏڌ ولوڙڻ جو ڪم ڪير ڪندو؟ منهنجي جوان ڀيڻ جهرڪيءَ مثل آهي، جا اڄ پرڻجي يا سڀاڻي، ماءُ ٻڍڙي اٿم، جا اڄ مري يا سڀاڻي مري. اهو رکو جواب ٻڌي هو اٿي اٺ پلاڻي وڃڻ لاءِ تيار ٿئي ٿو، تڏهن ڀيڻ کيس پنهنجون تڪليفون ٻڌائي تاڪيد ڪري ٿي ته مائٽن سان اهو ذڪر نه ڪج، نه ته کين ڏک ٿيندو. هن گيت جون ٿر ۾ ڪيتريون روايتون موجود آهن:
وراڻي:
اونڌو گجي گاج، گھوري جائون،
ورسارو آيو ڏيس !
گھوري جان، چوماسو آيو ڏيس!
[گوڙيون گجن پيون، گهور ٿيان، منهنجي ڏيهه ۾ وسڪارو ٿيو آهي،
گهورجي وڃان جو منهنجي ديس ۾ چوماسو آيو آهي.]
ڀريوڙو ڏاڏاڻي رو ڏيس،
ورسي ڀريا ٽوڀا ٽوڀڙين!
ورسارو آيو ڏيس!
[منهنجو ڏاڏاڻو ڏيهه وٺو آهي، ٽوڀا ۽ ترايون تار ٿي ويون آهن. ڏيهه ۾ وسڪارو ٿيو آهي.]
ڌيئا ٻائي نان تيڙوجا،
اونڏو منڏي ويرا گاسيڙو،
ورسارو آيو ڏيس!
[ڀيڻ کي وٺي اچڻ لاءِ اي وڏا ڀاءُ (اُٺ جو) گاشيو تيار ڪج، ڏيهه ۾ وسڪارو ٿيو آهي.]
اونڏين کوين کنوڻين ري گھوري،
جھرمر برسين مينهن،
ورسارو آيو ڏيس !
[گهور وڃان، پري کان کنوڻيون تجلا پيون ڪن ۽ مينهن به پيو وسي. ڏيهه ۾ وسڪارو ٿيو آهي.]
ڀيجي ڪرهلئي ري مهار،
ڀنيو مانهنجي ويري رو مورهيڙو،
گھوري جان چوماسو آيو ڏيس!
[برسات ۾ ڪرهي جي مهار ۽ منهنجي ڀاءُ جو ڳاڙهو پٽڪو ڀِڄي پاڻي ٿي پيو آهي. ڏيهه ۾ چوماسو وريو آهي.]
ڀيجي هر کيڙيتي رو ٻاجهرو،
ڀيجي ڌيئا ٻائي رو هار،
ورسارو آيو ڏيس!
[هر ڪاهيندڙ جي ٻاجهريءَ جي پوک ۽ منهنجي ڀيڻ جو هار به پُسي پيو آهي. ڏيهه ۾ مينهن پيو آهي.]