چؤنڪ: هڪ جنس جي چئن شين جي ميڙ کي چونڪ چيو ويندو آهي. در، دري يا ڪٻٽ وغيره جي فريم کي به چونڪ چئبو آهي. اهڙيءَ ريت جسم جي ٻن ڦڻين، پٺن ۽ ڪنڌ جي وچ واري سنڌ/ چوراهي کي به چونڪ سڏبو آهي.