چؤياري: سنڌ تي ڪلهوڙن جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ ٽالپرن جي حڪومت قائم ٿي. فاتح سنڌ مير فتح علي خان ٽالپر پنھنجي حڪومت ۾ پنهنجن ٽن ڀائرن کي بہ شامل ڪيو ۽ چئني سلسلي وار سنڌ تي حڪومت ڪئي. هنن جي ايڪائي ۽ محبت کي ڏسي، سندن حڪومتي نظام کي ’چؤياري‘ سڏيو ويندو هو. ٽالپرن جي دؤر حڪومت ۾ ’پهرين چؤياري‘ جي چئني حاڪمن (ميـر فتـح عـلـي خـان ٽـالـپـر، ميـر غلام عـلـي خـان ٽالـپـر، ميـر ڪرم علي خان ٽالپر ۽ مير مراد علي خان ٽالپر) پنھنجي حڪومت جو مدو پورو ڪيو، پر ’ٻي چؤياري‘ جي چئني حاڪمن (مير نور محمد خان ٽالپر، مير محمد نصير خان ٽالپر، مير محمد خان ٽالپر ۽ مير صوبدار خان ٽالپر) مان مير نور محمد خان ٽالپر اول جي وفات بعد جڏهن مير محمد نصير خان ٽالپر آخري تاجدار مسند نشين ٿيو تہ جلد ئي، انگريزن ۽ ٽالپرن جي وچ ۾ مياڻيءَ ۽ دٻي جي ميدان تي جنگ لڳي. جنهن ۾ ٽالپرن کي شڪست ملي ۽ انگريزن سر چارلس نيپئر جي سربراهيءَ ۾ سنڌ تي قبضو ڪري ورتو ۽ ميرن کي نظربند ڪري ڪلڪتي موڪلي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح ٽالپر حڪمرانن جي ’ٻي چؤياري‘ پوري ٿي نہ سگهي.
بلوچستان صوبي ۾ پڻ چئن بلوچ سردارن جي چؤياري مشھور هئي، جن ۾ مير غوث بخش بزنجو، نواب محمد اڪبر خان بگٽي، سردار عطاءُ ﷲ خان مينگل ۽ نواب خير بخش خان مري ڳڻيا ويندا آهن.