چؤگان: هي آذربائيجان (روس) جي مخصوص راند آهي. هيءَ ران ڏيڍ گز ڊگهي مُڙيل لٺ سان کيڏبي آهي ۽ تيـز ٿڪـائيندڙ رانـد آهي. هن راند ۾ رانديگر بال کي ڌَڪ هڻندا آهن ۽ مخالف گول طرف گهوڙا ڊوڙائيندا آهن. جڏهن تہ طاقتور ۽ اعليٰ نسل جا گهوڙا تيز رفتاريءَ سان راند ۾ جان وجهندا آهن. هيءَ راند 30 منٽن جي آهي. وچ ۾ 15 منٽن جو وقفو ٿيندو آهي. گهوڙا تيز ۽ سُٺي نسل جا نہ هوندا تہ راند جو وقت گهٽ ڪيو ويندو آهي.
چوگان لفظ شاھہ جي رسالي ۾ بہ ڪم آندل آهي.
’چـاري چـوگانـن جـا، واهـيت ڪـن وزيـر.‘