چائڙي/ چاوِڙي: ماضيءَ ۾ پوليس جي عملدار يا ڪوٽوال کي ’چاوڙي‘ چيو ويندو هو. شھر جي مرڪزي پوليس ٿاڻي کي بہ اڳ ’چائڙي‘ چوندا هئا، پر اڳتي هلي آهستي آهستي چائڙيءَ جي مرڪزيت ۽ استعمال ختم ٿي ويو.