چارا (ذات)

چارا (ذات): سميجا قبيلي جي هڪ ذات يا نُک جو نالو. هن چارا، ضلعي ٿرپارڪر ۽ سنڌ جي ٻين ڪجهہ حصن (سانگهڙ وغيرہ) ۾ رهن ٿا. چارا ذات جو سلسلو هن ريت آهي: چارو پٽ سمو، پٽ رائڌڻ، پٽ ڪاڪو، پٽ سمو، پٽ اُنڙ، پٽ لاکو، پٽ لاکيار، پٽ اوڍو، پٽ اوڍار، پٽ نيٽ، پٽ نوتيار، پت لواڪس، پٽ رام، پٽ دسرت، پٽ اجيپار، پٽ ڀاڳيرٿ، پٽ جادم، پٽ سام.


هن صفحي کي شيئر ڪريو