چارلس ڊڪنس

چارلس ڊڪنس

چارلس ڊڪنس

چارلس ڊڪنس: جڳ مشھور مصنف چارلس ڊڪنس، 07 فيبروري 1812ع تي جان ڊڪنس جي گهر پورٽ مائوٿ ۾ جنم ورتو. سندس والد نيويءَ ۾ ڪلرڪ هو، ۽ فضول خرچ هئڻ ڪري اڪثر قرضي رهندو هو. قرض واپس ڪرڻ جي عادت هن ۾ بنھہ نہ هئي، جنهنڪري هن کي ڪيترائي ڀيرا جيل جو منهن بہ ڏسڻو پيو.
چارلس ڊڪنس اڃا پنهنجو تعليمي سفر شروع ئي نہ ڪيو هو تہ عدالت سندس پيءَ کي جيل جي حوالي ڪري ڇڏيو، گهر جون حالتون پهرين کان ئي خراب هيون. جنهنڪري کيس اسڪول ڇڏي هڪ فيڪٽريءَ ۾ مزدوري ڪرڻي پئي، جتي هيءُ بوتلون ڌوئي انهن تي ليبل چنبڙائيندو هو. ان کان پوءِ هيءُ جوتن جي فيڪٽري ۾ ملازم رهيو. ان دوران هن جي ڏاڏي بيماريءَ وگهي لاڏاڻو ڪري وئي، جنهن پنھنجي پونئيرن لاءِ ڪافي ملڪيت ڇڏي ۽ جان ڊڪنس پنهنجو قرض لاهي جيل مان آزاد ٿي گهر آيو، پر ڪجهہ وقت کان پوءِ ٻيهر قرضدار ٿي جيل هليو ويو، چارلس ڊڪنس هڪ وڪيل وٽ ملازمت ڪئي، جتي هن شارٽ هينڊ سکي ۽ کيس House of Commons ۾ رپورٽر جي نوڪري ملي وئي. اتي هيءُ ماريا بيڊنل (Maria Beadnell) تي موهت ٿي پيو، پر اهو نينھن جو ناتو گهڻو عرصو نہ هلي سگهيو.
هن لکڻ جي شروعات هڪ ڪهاڻيءَ The Dinner at Popular Walk کان ڪئي، جيڪا هن پنھنجي وڪالت ۽ رپورٽنگ جي تجربي کي سامهون رکي لکي. بعد ۾ هڪ روزاني اخبار ’ڪرانيڪل مارننگ‘ لاءِ سوانحي خاڪا لکڻ لڳو. جڏهن تہ لنڊن جي هڪ ٻي رسالي ۾ سندس پهريون ناول ’پڪ وڪ پيپرز‘ قسطوار ڇپجڻ لڳو ۽ ان دوران هن ’مارننگ ڪرانيڪل‘ جي ايڊيٽر جارج هوگرٿ George Hograth جي وڏي ڌيءَ ڪيٽ (Kate) سان شادي ڪئي.
رچرڊ ڊبليو لونگ پنھنجي مضمون ’انگلينڊ ۽ چارلس ڊڪنز‘ ۾ هن ناول بابت لکي ٿو تہ: ”هيءُ ناول چارلس ڊڪنس جي پنھنجي ڪهاڻي آهي، جيڪا هن جي ذاتي تجربن تي مشتمل آهي. هن ان ناول وسيلي سماجي، ناانصافين، مسئلن ۽ برائين خلاف آواز اٿاريو آهي.“ جڏهن تہ سندس سوانح نگار جان فاسٽر لکيو آهي تہ: ”چارلس ڊڪنس کي ماڻهن جي ڏک ۽ سک بابت پوري ڄاڻ هئي ۽ انهن جي مسئلن کان چڱيءَ ريت واقف هو ۽ هو انهيءَ ڪوشش ۾ رهيو تہ سندن مسئلن ۾ گهٽتائي آڻجي.“
چارلس ڊڪنس تمام گهڻو محنتي هو. هيءُ هڪ ڪتاب مڪمل ڪرڻ بعد ٻئي ڪتاب لاءِ مسودو تيار ڪندو هو. هن هميشہ ماڻهن جي دلچسپي لاءِ لکيو، سندس تخليقي ڪم جو ڳاڻيٽو تمام گهڻو آهي. جڏهن تہ هن روزاني هفتيوار، ماهوار اخبارن ۽ رسالن ۾ مسلسل لکيو. سندس لکڻيون ۽ ناول مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لڳاتار ڇپجنديون رهيون، جنهن جو لنڊن جي ماڻهن کي گهڻو انتظار رهندو هو. هن جا موضوع لنڊن، لنڊن جا ماڻهو، لنڊن جي زندگي، انسان جا ڏک، اهنج، خوشيون، سازشون، ماڻهن سان ٿيندڙ ناانصافيون ۽ ويساھہ گهاتيون هئا. سندس اسلوب ۽ گهاڙيٽو سادو ۽ شاعراڻو هو. هن گهاڙيٽي ۾ اسڪول، هوٽلون، مسافرخانا، بندرگاھہ، ملاح ٻيڙيون، درياھہ، لنڊن جي گهٽين ۾ ويٺل عورتون، فقير، غريب ماڻهو ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون ساھہ کڻندي واضح نظر اينديون آهن. جان فاسٽر لکيو تہ: ”چارلس ڊڪنس پنھنجي تحريرن ۾ ڪردارن بابت ڪجهہ بہ نہ ٿو ٻڌائي، پر ڪردار پاڻ پڙهندڙن کي پاڻ بابت آگاهي ڏين ٿا.“
چارلس ڊڪنس زندگيءَ ۾ گهڻي محنت ڪئي، هن بيشمار ناول، ڪهاڻيون، مضمون ۽ خاڪا لکڻ سان گڏ رسالا ڪڍيا، تقريرن کي ڊرامائي انداز ۾ عوام آڏو پيش ڪيو، جنهن کي Reading Shows جي نالي سان سڏيو ويندو هو. هن کي گهوڙي سواري ڪرڻ، ڊانس ڪرڻ، ڪرتب ڏيکارڻ ۽ اداڪاري ڪرڻ جو شوق هوندو هو. اداڪاري هن پنھنجي دوست ۽ ان دور جي نامور اداڪار ولڪي ڪولنز Wilkis Collins کان سکي. جڏهن تہ ڪولنز سان هن The Frozen Deep نالي ڊرامي ۾ اداڪاري بہ ڪئي، جنهن ۾ سندس ڌيءَ بہ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. اهو چارلس جو پهريون ڊرامو هو، جيڪو ملڪہ وڪٽوريا جي سامهون پيش ڪيو ويو. هو اعليٰ درجي جو اداڪار بہ هو. هن جي اداڪاريءَ بابت
ڪار لائل (Carlyle) پنهنجن خيالن جو اظهار هن طرح ڪيو آهي: ”چارلس تمام وڏو ۽ بھترين اداڪار آهي ۽ هيءُ هڪ اهڙو اداڪار آهي، جيڪو سڄو ٿيئٽر پنھنجي ٽوپيءَ هيٺيان لڪائي ٿو گهمي.“ هن Reading Shows لنڊن کان سواءِ آمريڪا ۾ بہ ڪيا. هڪ اندازي موجب هن صرف ٻن سالن ۾ ’شوز‘ مان 54000/- پائونڊ ڪمايا. کيس شھرت سان جنون جي حد تائين پيار هو. هن کي جن ڪتابن وسيلي شھرت ملي، تن جو وچور هن ريت آهي:
(1)Sketches by Boy, (2) Oliver Twist, (3) A Chrismas Coral, (4) A Tale of Two Cities, (5) David Copperfield, (6) Great Expectations, (7) Bleak House, (8) Hart Time, (9) Our Mutual Friend.
چارلس ڊڪنس پنھنجي تحريرن جي حوالي سان بالزاڪ، سروانٽيز، وڪٽر هيوگو ۽ شيڪسپيئر کان متاثر هو، جڏهن تہ هن دوستووسڪي، ٿامس هارڊي، ايڊ گرايلن پو، ٽالسٽاءِ ۽ جارج اوروي کي ڏاڍو
متاثر ڪيو.
زندگيءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ چارلس جو گهريلو ماحول خراب ٿي پيو، پريشانين سبب کيس پهريون دل جو دورو پيو، پر پوءِ بہ هن پنھنجي ذاتي مصروفيتن ۾ ڪنهن بہ قسم جي گهٽتائي نہ آندي، نيٺ الوداعي Reading Shows دوران کيس دل جو دورو پيو، جنهن سندس انت آندو ۽ 09 جون 1870ع تي لاڏاڻو ڪري ويو، کيس وصيت موجب ميري جي قبر ڀرسان دفنايو ويو. اڻويهين صدي جي هن عظيم اديب جي ناولن تي ڪيترائي ڊراما ۽ فلمون ٺھي چڪيون آهن. لنڊن جي نالي هن مصنف جي رهائشگاھہ موجودہ وقت ۾ ميوزيم جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي. جڏهن تہ حڪومت پاران ’ڊڪنس سينٽر‘ قائم ڪيا ويا آهن. هر سال لنڊن ۾ سندس نالي پٺيان فيسٽيول ٿيندا آهن ۽ ڪرسمس جي موقعي تي هن جي نالي ڪيڪ ڪٽيا ويندا آهن.
برطانوي حڪومت پاران 76.500 چورس وال تي ’ڊڪنس ورلڊ‘ ٺاهي وئي آهي، جنهن ۾ هڪ سينيما، هوٽل ۽ لائبريري آهي. هن جي نالي نوٽ ڇاپيا ويا، جنهن جي هڪ پاسي هن جي تصوير تہ ٻي پاسي سندس مشھور ناول ’پڪ وڪ پيپرز‘ جي ڪردارن جا عڪس ڏنا ويا هئا.


لفظ چارلس ڊڪنسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1812.02.07  عيسوي

جڳ مشهور مصنف چارلس ڊڪنس، 07 فيبروري 1812ع تي جان ڊڪنس جي گهر پورٽ مائوٿ ۾ جنم ورتو.


1870.06.09  عيسوي

چارلس ڊڪنس 09 جون 1870ع تي لاڏاڻو ڪري ويو، کيس وصيت موجب ميري جي قبر ڀرسان دفنايو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چشتي حڪيم شمس الدين
خانبهادر شيخ صادق علي انصاري
ٿامس مان
ڪيف غزنوي
جتوئي شير خان
پير جهنڊو
امير علي شاھہ
نذير احمد سانگي ڊاڪٽر
آشا چاند
مير فتح علي خان ٽالپر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون