
چارلي، نور محمد
چارلي، نور محمد: ناميارو اداڪار نور محمد چارلي، 1912ع ڌاري حيدرآباد ۾ ڄائو. هن پنھنجي فن جو آغاز هن چوڏهن سالن جي عمر ۾ چندولا شاھہ جي فلمي ڪمپني ’موويز ٽون‘ جي ٺهندڙ ’گونگين فلمن‘ ۾ اداڪاري ڪرڻ سان بمبئيءَ ۾ ڪيو. سندس پهرين مزاحيہ فلم ’پلٽ تيرا ڌيان ڪڌر هي‘ جيڪا بمبئي ۾ ٺھي. نور محمد چارلي، هندستاني سينيما جو وڏو مزاحيہ اداڪار هو. ان دؤر جا ٻيا مزاحيہ اداڪار يعقوب، مرزا اشرف آغا، جاني واڪر، محمود اي. غوري، اي. شاھہ شڪارپوري هن سان گڏ ڪم ڪندا هئا. نور محمد ذات جو ميمڻ هو ۽ ٻين نوجوانن وانگر چارلي چپلن جي فن جو عاشق هو، جنهن ڪري پنھنجي نالي جي پويان بہ چارلي لقب رکيائين. پهرين جنگ عظيم دنيا کي ڏکن جي گهري سمنڊ ۾ ويڙهي ڇڏيو، جنهن ڪري مزاحيہ فلمن ماڻهن جي چپن تي مرڪ آندي تہ چارليءَ بہ پنھنجي فن سان ماڻهن کي کلائي کيرو ڪيو، هر طرف چارليءَ جي باڊي لينگيويج جو چرچو عام ٿيو. هيري طور سندس پهرين فلم ’الو ڪا پٺا‘ هئي. ان فلم کيس مشهوريءَ جي بلندين تي پھچايو. 1932ع ۾ جڏهن اردو فلم ’ارپنا‘ ٺاهي وئي تہ مشھور اداڪار يعقوب سان گڏ ڪم ڪيائين. هندستان ۾ هن جون ڪافي فلمون رلـيـز ٿيون، جـن ۾: سنجـوب، مـنورما، چـانـد اس پار، رڪـشـا والا، بـازيـگـر، مسافر، زمين ڪا چاند، پاڪ دامن، رقاصه، زرينا، چندر هاسا، پريمي پاگل، نادرا، فرزند هندِ، طوفان ميل، ڪاليج گرل، رات ڪي راني، سيڪريٽري ۽ ٺوڪر تمام گهڻيون مشھور ٿيون. انهن فلمن مان ڪن ۾ چارلي هيرو طور بہ آيو، جن ۾ سورن لتا هيروئن هئي. ’غزل‘ فلم ۾ ليلا چيٽنس هيروئن هئي ۽ ’دلها‘ فلم ۾ چندر پرڀا هن سان گڏ هيروئن ٿي آئي. ورهاڱي کان پوءِ هيءُ سنڌ موٽي آيو. هتي بہ 12 کن فلمن ۾ ڪم ڪيائين. پاڪستان ۾ سندس پهرين فلم جي. اي. گل جي ’مندري‘ هئي، جيڪا 1949ع ۾ رليز ٿي جنهن جو ڊائريڪٽر دائود چاند هو. ان کان پوءِ نذير اجميريءَ جي فلم ’بيقرار‘ ۾ ڪم ڪيائين جنهن ۾ راگني ۽ الياس ڪاشميري مُک اداڪار هئا. ان کان پوءِ عطاءُ ﷲ هاشميءَ جي فلم ’اڪيلي‘ ۾ ڪم ڪيائين، جيڪا 1951ع ۾ رليز ٿي، جنهن ۾ سنتوش، هيري جو رول ادا ڪيو هو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ، 1956ع ۾ پهرين سنڌي فلم ’عمر ماروي‘ ۾ ڪم ڪيائين، جيڪا حسين شاھہ فاضلاڻي ۽ شيخ حسن ٺاهي هئي. جنهن ۾ هن مزاحيہ ڪردار ادا ڪيو هو. ان کان پوءِ حسين شاھہ فاضلاڻيءَ 1958ع ۾ ’پرديسي‘ فلم ٺاهي تہ ان فلم ۾ بہ هن شيخ سنڌيءَ سان گڏ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. 1966ع ۾ هن جي مشھور فلم ’پلپلي صاحب‘ آهي جنهن ۾ هن لِيڊنگ رول ادا ڪيو. ان کان پوءِ پنھنجي مشھور فلم ’استادون ڪا استاد‘ ۾ آيو. ان سميت ’مس 1976ع‘ بہ سندس مشھور فلمن مان هڪ هئي. هيءُ 1967ع ڌاري آمريڪا هليو ويو. هن سداحيات فلمي اداڪار اٽڪل هڪ سئو فلمن ۾ ڪم ڪيو. هيءُ 1970ع ڌاري آمريڪا مان موٽي سنڌ ۾ آيو. 1975ع ۾ وفات ڪيائين. سندس پٽ منور ظريف چارلي بہ وڏو اداڪار آهي.