چارڻ سُمنگ

چارڻ، سُمنگ: منظوم داستان گوئيءَ ۾ مشهور منگتو، سُمنگ چارڻ، اوائلي سنڌي شاعريءَ جو اهم نالو آهي. هيءُ سومرن جي دور سان واسطو رکي ٿو. سمنگ چارڻ، ڄام لاکي جو مڱڻهار هو. سُمنگ چارڻ 1200ع کان 1300ع جي وچ واري عرصي ۾، قاضي قاضن کان تقريباً ٻه صديون اڳ ۾ ٿي گذريو آهي. هن لاءِ مشهور آهي ته هيءُ سومرن جي راڄ جو سخت مخالف هو ۽ سما پرستي سندس سرشت ۾ سمايل هئي. هيءُ اصل ڪڇ جي سرحد ڪيراڪوٽ جو رهاڪو هو. اباڻي عادت وانگر سدا سيلاني رهيو ۽ ڳچ عمر سفر ۾ گذاريائين. ان وقت ۾ چارڻن، ڀٽن ۽ ڀانن کي بادشاهن وٽ خاص مقام حاصل هوندو هو. هيءُ به سمن حاڪمن جي بهادريءَ جا گُڻ ڳائيندي ڪافي مشهور ٿيو. هن جو زمانو سومرن جو پويون ۽ سمن جي اسرڻ وارو دور هو. هن جي وقت ۾ همير سومرو سنڌ جو بادشاهه هو، پر هيءُ سمن سردارن جي شان ۾ ڳائيندو هو. ان ڪري سندس مقبوليت سما پرست چارڻ طور ٿي. هن لاءِ مشهور آهي ته هڪ ڀيري همير سومري وٽ وڏي طمطراق سان اچي حاضر ٿيو. ساڻس وهٽ، خچر، گهوڙا، ڏان ۾ مليل ڪيترا ٻانها، چيلا ۽ چاڪر گڏ هئا. همير سومري کي سندس سما پرستيءَ جي اڳ ئي خبر هئي. تنهن تي سومرن هن جي مهماني ڪرڻ بجاءِ سردار ڍوري راءِ سومري هٿان سمورا وهٽ ۽ ٻيو سامان راتو واهه کڻائي ويا. هن جيئن اهڙي دانهن درٻار ۾ آندي ته الٽو کيس ٻڌي ڪاٺ ۾ وڌو ويو. هن ان جاءِ تي هيٺيون بيت چيو ته:
’هـميـر کان پـوءِ، راڄ نه ماڻن سومرا‘.
چون ٿا ته تنهن وقت سمنگ کي راڄ ۾ فقير ۽ منگتي طور وڏي مشهوري حاصل هئي. تنهنڪري راڄ سندس اهڙي وائيءَ کي اڳڪٿي ڪري قبوليو ۽ اهڙي ورتاءُ بعد سمنگ جهنگ مُنهن ڪري واويلا ڪندو واهڻن، وستين ۾ در در ڀٽڪندو، سومرن جا ڏنل سور ڳليءَ ڳليءَ ۾ پِٽيندو رهيو. چون ٿا ته سندس ڪلام ئي ملڪ ۾ سومرن جي راڄ خلاف بغاوت ڀڙڪائي. جنهن سان سومرن جي حڪومت جي اختتام ۽ سمن جو برسر اقتدار اچڻ ممڪن ٿيو. محقق کيس سومرن جي دور جو ’باغي چارڻ‘ ڪري لکن ٿا. هيءُ خاص طور ڳاهه ۾ شاعري ڪندو هو ۽ سندس سرجيل ڳاهن ۾ رمزون سمايل هونديون هيون. راڻي ۽ مومل جو قصو به سندس دور جو هو. هن لاءِ هڪ ٻيو قصو به مشهور آهي ته: هڪ ڀيري هن ڄام لاکي جي پَت آزمائڻ لاءِ اڻ مندائتن پيرُن جي وڃي صدا هنئي ۽ ڄام لاکي کي چيائين: ”ڄام لاکا! منهنجي گهر واري اُميد واري آهي. چارڻيءَ کي پَيرن جي چاهت ٿي آهي. انهيءَ لاءِ تنهنجي جود ۽ سخا جي هاڪ ٻُڌي پيرن جي لپ واسطي اچي تنهنجو در جهليو اٿم. هاڻي منهنجي مشڪل آسان ڪر. وڪيو ڄام به ڏاتار آهي ۽ هو سواليءَ جي سئن سڻي، سر سوڌي به سخا ڪري ڄاڻي ٿو. آءٌ ته تو وٽ ئي آس رکي آيو آهيان، جي تو کان نه پُڄي ته وڃان ڄام وڪيي ڏاتار وٽ.“ اهو ٻُڌي ڄام لاکي سمنگ چارڻ جي پت پاڙڻ بجاءِ کيس وراڻيو ته هينئر جو هينئر منهنجي ملڪ مان نڪر، سڌو وڪيي وٽ وڃ. اٺن پهرن اندر يا ته وڪيي جي ملڪ مان پيرون پهچاءِ يا ته سندس سر آڻي ڏي نه ته تنهنجي چارڻيءَ جو خير ڪونهي.
تنهن تان فقير تي اچي ڄام لاکي جو قهر ڪڙڪيو ۽ هيءُ به ٻيجل وانگر ڪلهي تي ڪينرو پائي رمندو رهيو.
چون ٿا ته هيءُ جڏهن وڪيي ڏاتار وٽ پهتو ته ان پنهنجي گهيٽي کي پٽيون پئي ٻَڌيون. سمنگ مٿس طنز ڪندي چيو ته:
ڦلاڻي لاکي وٽ مون وڏو ڪيو ٿي وات،
گهيٽن پٽيون جو ٻَڌي، سو ڏيندو ڪهڙي ڏات!
تنهن تي وڪيي ڏاتار کيس وراڻيو ته: اي جاجڪ! اسين چپٽين ۽ نَهَنِ سان چونڊي ڌن گڏ ڪندا آهيون ۽ جڏهن ڏيندا آهيون ته اهو ساڳيو ڌن جهول ڀري ڏيندا آهيون. اهڙيءَ ريت اهو سمورو قصو ترتيب وار ٻيجل راءِ ڏياچ واري طرز تي هن منظوم ڳاهه ۾ بيان ڪيو آهي، جيڪو سنڌي لوڪ ادب ۾

وڏي اهميت رکي ٿو. ان بابت چون ٿا ته ڄام وڪيي سندس سر ڏيڻ واري گهُر به پوري ڪرڻ ٿي چاهي، پر اهو سوچي ته گهر پيرُن جي ڪئي اٿس! اها ته سر ڏيڻ سان پوري نه ٿيندي. اهڙيءَ ريت ڄام وڪيي کيس ڏوراپو ڏيندي چيو ته: ”اڙي سمنگيا! ڪوڙهيا! ڏاتارن کان اهڙا اڻمندائتا ڏان گهرڻ کپن!؟“ چون ٿا ته اهڙي ڏوراپي تي سمنگ چارڻ جي پيشانيءَ تي پشيمانيءَ جا تاثر اُڀريا ۽ سندس نراڙ تي اڇو ٽِڪو اُڀري آيو، جيڪو کيس عمر جي آخر تائين رهيو.
ان کان سواءِ سمنگ چارڻ، ڄام ڪرن، ڄام اوٺي جکري، ڄام سپڙ چوٽاڻي ۽ سپڙ ڄام رونجهي سميت ڏهن ئي ڏاتارن: راءِ ڏياچ چاوڙي، جکري اوڍي، اوڍي جـکـراڻـي، ڄـام هـڻند ٿـڌياڻي ۽ جسوڌڻ اڳڙي کي پنهنجن ڳاهن ۾ ڳائڻ سـمـيـت ستن سرفـروش سـورمن: (1) ڄام انـڙ ويـر، (2) ابـڙي اڙٻـنـگ، (3) پونئري پاونگ، (4) بانڪي بڊاماڻي، (5) ڪارائڙي ڪونڌر، (6) هوٿي وريام، (7) لاکي ڦلاڻي جي مهما ڳائي آهي.
سمنگ چارڻ سنڌي لوڪ ادب جي پهرين سورنهن سڄاڻ سگهڙن کان به اڳ جو آهي. هن ڳاهه، ساراهه، سٺ سورهيائي ۽ ثنا جا عنوان پنهنجي منظوم داستانن ۾ سمايا آهن. سندس ان ذخيري ۾ مزاح جو عنصر به ملي ٿو. اشارن ۽ ڪناين سان لطيف سرڪار به هن جو تذڪرو پنهنجي ڪلام ۾ آندو آهي، جيئن:
ٻاجهاڻو ٻيلي ڌڻي ٻجهان ٻاجهه پيئي،
سپڙ سا سيئي، جيڪا چارڻ چِت ۾.
سنڌي ادب جي ناليواري محقق پروفيسر محرم خان پنهنجي هڪ تحقيقي مقالي ۾ ثابت ڪيو آهي ته شاهه لطيف سخين ۽ سپڙ جي ثنا ۽ ساراهه وارن بيتن ۾ سمنگ چارڻ وارا بيان ڪيل ساڳيا موضوع کنيا آهن. سنڌي لوڪ ادب ۾ هن تاريخ ساز منگتي کي بنيادي حيثيت حاصل آهي، جنهن خاص ڪري ڳاهه جي صنف جا بنياد مضبوط ڪيا. جن ۾ هن پاران ڪتب آندل ٻول ۽ نج سنڌي ورجيسون روايتون، گفتا ۽ لفظي ذخيرو اڄ به سنڌ جي لوڪ ادب جي زينت بڻيل آهي ۽ پوئين دور جي چارڻن، ڀٽن، سگهڙن سندس روايتن جي پوئواري ڪئي.
هن کي مختلف ليکڪن ۽ عام روايتن ۾ سمنگ کان سواءِ سٻنگ، سومنگ، سمنگيو به سڏيو ويو آهي.
سمنگ چارڻ تي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، ڊاڪٽر دائود پوٽي، منگهارام اوجها سميت ٻين عالمن به تحقيقي مقالا لکيا. سندس شاعريءَ بابت ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو آهي ته: ”هن جي ڪلام ۾ نه تخيل جي بلندي آهي، نه خيال جو پرواز، پر سندس ڳاهن جي خاص خوبي اها آهي ته انهن مان ان دور جي تهذيب ۽ تمدن، اٿڻي وهڻي، ماحول ۽ تاريخ جي خبر پوي ٿي. سمنگ جي ڳاهن جي ٻي اهم خوبي سيرت نگاري ۽ واقعه نگاري آهي.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو