چار آڱر: هٿ جي چئن آڱرين جيتري ماپ. سنڌ ۾ هي ڪپڙي، ڪاٺ وغيرہ جي ماپ جو نهايت قديم طريقو آهي. جنهن جي جدول هن ريت آهي: چار آڱر برابر هڪ ڇاڙڪي چار ڇاڙڪيون برابر هڪ هٿ ٻہ هٿ بابت هڪ هڪ نري.