چار قل

چار قل

چار قل

چار قل: قرآن مجيد جي آخري (ٽيهين) سيپاري مان چار سورتون ’چار قل‘ سڏبيون آهن، ڇو تہ اُهي لفظ ’قل‘ سان شروع ٿين ٿيون. اهي چار سورتون آهن: (1) قُلۡ يَآ اَيُّهَاالۡکافِرُوۡنَ، (2) قُلۡ هُوَ اللّھُ اَحَدۡ، (3) قُلۡ اَعُوۡذُ بِرَّبِ الۡفَلَقِ ۽ (4) قُلۡ اَعُوۡذُ بِرَّبِ النَاسَ. هنن چئني سورتن جون فضيلتون بزرگن بيان ڪيون آهن. ڪن جو چوڻ آهي تہ هي چار ئي سورتون چئن ٿنڀن وانگر آهن، جڏهن بہ ڪو مسلمان انهن کي پڙهندو آهي تہ اهو هنن چئن سورتن جي پڙهڻ جي برڪت سان جي حفاظت ۾ اچي ويندو آهي. ديني عالمن جو چوڻ آهي تہ ڪو شخص جيڪڏهن سمهڻ کان پهرين انهن چئني سورتن کي پڙهندو تہ سڄي رات مٿس جي برڪت وسندي رهندي. ڪيترا عقيدتمند هنن چئني سورتن کي ڪاغذ تي لکي لاڪيٽن ۾ جڙي ٻارن جي ڳچيءَ ۾ ٻڌندا آهن تہ جيئن ٻار مصيبت کان محفوظ رهن. اهڙيءَ ريت سورت ڪافرون جو ورد ۽ ان جو تعويذ بلائن ۽ مصيبتن کان بچڻ لاءِ، سورة اخلاص (قُلۡ هُوَ اللّھُ اَحَدۡ) حاجتن پورين ٿيڻ لاءِ ۽ سورة فلق ۽ ناس جادوءَ ۽ حاسدن جي حسد کان بچڻ لاءِ پڙهيون وينديون آهن. مٿي ڄاڻايل ’چار قل‘ واريون سورتون ڪنهن مري ويل شخص جي فاتحہ ۽ ايصال ثواب لاءِ بہ پڙهيون وينديون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو