چار مارچ ۽ سنڌي جوڌا (ڪتاب)
چار مارچ ۽ سنڌي جوڌا (ڪتاب): هي ڪتاب چوٿين مارچ 1967ع جي واقعي جي پسمنظر ۽ اکين ڏٺن واقعن تي مشتمل آهي، جيڪو پهرين نامياري اديب ۽ پبلشر طارق اشرف، ’سهڻي‘ رسالي جو ’4 مارچ نمبر‘ ڪري شايع ڪيو هو. بعد ۾ ڪرائون سائيز ۾ 212 صفحن تي مشتمل ڪتاب، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، سنڌ پاران، مارچ 1978ع ۾ ڇپايو ويو ۽ ان جي قيمت 20 روپيا آهي.
هن ڪتاب ۾ 4 مارچ 1967ع بابت سهڻي رسالي ۾ طارق اشرف جو پبلشر نوٽ، 4 مارچ جي حوالي سان شيخ اياز جي تقرير ۽ 4 مارچ واقعي بابت رسول بخش پليجي، يوسف لغاريءَ ۽ مسعود نورانيءَ جا تفصيلي مضمون آهن.
1967.03.04 عيسوي
هي ڪتاب چوٿين مارچ 1967ع جي واقعي جي پسمنظر ۽ اکين ڏٺن واقعن تي مشتمل آهي