چار واڪ/ لوڪياته جو فلسفو: چار واڪ هندستان جو اهو قديم مادي فلسفو آهي. جنهن ۾ اڳئين جنم جي ڳالهه رد ڪيل آهي. هن فلسفي جو بنياد ستين صدي ق. م ۾ ’برهاسپتي‘ وڌو. هن کي لوڪياته (Lokayatika) فلسفو به چئجي ٿو. هن خيال جو اظهار رگ ويد ۾ برهاسپتيءَ ڪيو ۽ پوءِ هن فلسفي کي ڪيترن وگيانين/ عالمن ترقي ڏني. برهاسپتيءَ جي پوئلڳن کي ’چار واڪ‘ سڏيو وڃي ٿو ۽ ماده پرستي ۽ چار واڪيت تقريباً هڪ ئي مفهوم ۾ ورتا وڃن ٿا. چار واڪ فلسفي جو بنياد علم جي نظريي تي آهي. علم ڪيئن ٿو حاصل ٿئي؟ ان جي جواب ۾ هنن جو چوڻ آهي ته علم ادراڪ سان حاصل ٿئي ٿو ۽ ڪنهن به الهامي هستيءَ وٽان پراپت نٿو ٿئي. استدلال به هن ڏس ۾ ڪجهه نٿو ڪري. ان ڪري انسان صرف حواسن ذريعي حاصل ڪري ٿو. چار واڪ جي فلسفي ۾ مذهب جي ڪا به گنجائش نه آهي. چار واڪ جا حامي چون ٿا ته جيڪڏهن (نعوذ بالله) خدا هر شيءَ تي قادر ۽ هر جڳهه تي موجود هجي ها ته پوءِ هو اسان جي شڪ شبهن کي ختم ڪري ها. هو دنيا مان ظلم ۽ بربريت کي ختم ڪرڻ سان گڏ ڪائنات ۾ تنظيم پيدا ڪري ها. چار واڪ هندستان جو اهو پهريون فلسفو هو، جنهن سمورن روايتي تصورن کي رد ڪري، روح، خوف، مذهب، آخرت، اخلاقيات، آفاقي طاقتن کان آزاد زندگيءَ جو فلسفو ڏنو. هن فلسفي موجب اخلاقيات دوکو ۽ لذت سچائي آهي. چار واڪ فلسفي جي پوئلڳن جو چوڻ آهي ته زندگي هڪ دفعو ملي ٿي، جيڪا وري ٻيهر نه ملندي، انهيءَ ڪري ان کي نفس ڪشيءَ، آخرت جي خوف ۽ اخلاقي پابندين کان آجو هئڻ ۽ دنيا مان لطف اندوز ٿيڻ گهرجي. دنياوي ۽ جسماني لذتون ئي زندگيءَ جو ثمر آهن. چار واڪ فلسفي سمورن ڌرمي تصورن جهڙوڪ: ترڪ دنيا، نفس ڪشي، روحانيت، ٻيو جنم، آخرت، خوف ۽ زندگيءَ کي عذاب ۽ ڏک قرار ڏيڻ وغيره رد ڪري ڇڏيا آهن. هنن جو چوڻ هو ته ڏک برابر آهن، پر سک انهن کان وڌيڪ آهي، جيئن هڪ چانور جو داڻو کل ۾ ڍڪيل هوندو آهي، پر انهيءَ کي اڇلائبو ناهي، پر صاف ڪري کائبو آهي. چار واڪ وارا، برهمڻن ۽ اوچي ذات وارن تي ڇوهه ڇنڊين ٿا ۽ انسانن کي برابر سمجهن ٿا ۽ هر انسان جي هڪجهڙي تعظيم ٿا ڪن. چار واڪ ماده پرست گهڻو ڪري هر دؤر ۾ رهيا آهن، پر اُهي مذهب وانگر منظم نه هئڻ ڪري اڪثر گمنام رهن ٿا يا وري اهي پنهنجا خيال ظاهر نٿا ڪن.