چار يار1: چار يار جي معنيٰ آهي ’چار دوست‘. خاص ڪري حضرت محمد مصطفيٰ صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي چئن اصحابين (خلفاءِ راشدين) حضرت ابوبڪر صديق رضه، حضرت عمر فاروق رضه، حضرت عثمان غني رضہ ۽ حضرت علي ڪرم ﷲ وجهھ کي ’چار يار‘ سڏيو ويندو آهي.