چاشني

چاشني: کنڊ ۾ رڌل مٺن چانورن کي چاشني چئبو آهي. هيءُ مِٺي ڀت جو هڪ نمونو آهي، جنهن ۾ سهڻائيءَ ۽ سواد لاءِ پستا ۽ بادام وغيرہ بہ وڌا ويندا آهن. چاشنيءَ ۾ اڇا چانور بہ رکبا آهن، پر گهڻو ڪري چاشنيءَ ۾ ڪيسر (زعفران) رنگ جا چانور وجهندا آهن. چاشني خاص طور ڪاڄن ۾ رڌبي آهي. اڪثر باس طور بہ چاشني رڌي وڃي ٿي. اڪثر ان کي زردو بہ چوندا آهن، ڇو تہ ان ۾ زردو (پيلو رنگ) ڪيسر يا زعفران جي بدران وجهندا آهن.


لفظ چاشنيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو