چاشَ

چاشَ: چاش، ڳـُڙ يا کـنـڊ جي مرڪب کي چئبو آهي. ڳـڙ يا کـنڊ ۾ مـناسـب مقدار ۾ پاڻي وجهي چلھہ تي چاڙهبو تہ پاڻي سڪي ويندو ۽ ان کان پوءِ باقي گهاٽي پت وڃي بچندي، جنهن کي چاش چوندا آهن. طبيب چاش ۾ دوا ملائي معجون يا شربت وغيرہ ٺاهيندا آهن. ڪمند پيڙڻ کان پوءِ ان مان کنڊ بہ ٺاهي ويندي آهي. چاش ۾ ٻيا بہ ڪي وکر ملائي ان مـان سُـرڪـو بہ ٺاهيندا آهن. سُرڪو ٻن نمونن جو ٿيندو آهي. هڪڙو سرڪو جنهن سان الڪوحل ٺاهيو ويندو آهي ۽ ٻئي سرڪي کي ’انگوري سرڪو‘ چوندا آهن. سرڪي جو ٻيو نمونو ڳاڙهو هوندو آهي، جيڪو بصر مٿان ڇٽڪاربو تہ بصر مان تيز بوءِ نڪري ويندي ۽ پوءِ اهو بصر مانيءَ سان ڳنڌڻ طور کائي سگهبو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو