چالايا
چالايا: هيءَ ڳاڙهي رنگ جي هڪ ڳنڍيدار پاڙ ٿيندي آهي، جيڪا پسارڪي وکر طور ڪتب آندي وڃي ٿي. حڪيمن موجب هيءَ مٿي جي سور، تري، مرگهي، کنگهہ، پراڻن تپن، گڙدي جي سور، پٺن ۽ سنڌن، چيلھہ، جلندر، سائي ۽ مثاني جي بيمارين جي لاءِ مفيد آهي ۽ پيشاب جاري ڪري ٿي.