چالوڪ: چالوڪ راجا پرسيو عرف اگن پال جي چئن پُٽن مان هڪ هو، جيڪو بہ اڳتي هلي راجا ٿيو. جنهن جي اولاد چالوڪيه سڏرايو. راجا چالوڪ ابتدا ۾ اباڻي عقيدي موجب باھہ جي پوڄا ڪندو هو، پر آخري عمر ۾ شِوَ جو پيروڪار ٿيو. لوَ ڪوٽ (موجودہ لاهور) سندس راڄڌاني هئي، جتي هن شِوَ جو مندر ٺهرايو ۽ شِوَ جي پوڄا شروع ڪرائي، ۽ چالوڪيه سڏجڻ ۾ آيا ۽ جن شِوَ جي لِنگ کي اوتار سمجهي پوڄا شروع ڪئي، سي شولنگي سڏيا ويا، جيڪو لفظ اڳتي هلي سنڌي اُچار موجب سولنگي ٿي ويو. ان ڪري هي خاندان چالوڪيه يا شولنڪي/ شولنگي سڏيو ويو. ٻين راجپوتن نسلن وانگر سندن ذڪر بہ ’آئين اڪبري‘ ۾ موجود آهي. سندن شجرو هن ريت آهي: چالوڪ پٽ سرم پٽ ڀبونت پٽ مدجڙ پٽ ڀاگ پٽ ڀورت پٽ واسو پٽ ڀرت پٽ ڪامراج پٽ راجوڪا پٽ کار پٽ توگر پٽ برهمڪو پٽ سورائچي پٽ ڪلاچ پٽ بلراج پٽ ڌنراج پٽ ڀوجپال پٽ اگل پال پٽ الميچه پال پٽ وڙاڊوسين پٽ لنگ سين پٽ نانک سين پٽ هري سنگهہ پٽ آهونسي دي پٽ ماڌُو جي پٽ ڀيردت پٽ جگديو پٽ بندوديو پٽ راجندرپال ۽ گوبندراج پٽ هنسراج پٽ مولراج پٽ ڦلراج پٽ بڪرم راج.
آئين اڪبريءَ ۾ جيڪي نالا ڏنا ويا آهن، تن مان ڪجهہ هن شجري ۾ موجود آهن. ڇٽيھہ شاهي خاندانن مان هڪ چالوڪ آهي. سولنگي/ شولنگي قبيلي جو ابتدائي مسڪن لاهور هو. سندن ٻہ وڏيون شاخون لنگاھہ ۽ توڳرا مشھور آهن. هن قبيلي جي هڪ عرصي تائين ملتان ۽ ان آسپاس وارن علائقن تي حڪومت هئي. چالوڪ قبيلي جو لاهور تي قبضي ۽ حڪومت بابت مسٽر سيول پنھنجي جڳ مشھور ڪتاب ‘Forgotten Empire’ ۾ ذڪر ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح هن قبيلي جي مالابار ۽ بمبئيِءَ تي حڪومت بابت مشھور تاريخدان شري نارائڻ رائو پنھنجي ڪتاب ‘Never To Be Forgotten Empire’ ۾ ذڪر ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح ڪتاب مالابار جي مصنف هن قبيلي جي عروج جو ذڪر تفصيل سان ڪيو آهي. انهن ڪتابن ۾ انهلواڙا، راڄڌاني ڪلياڻ، راڄڌاني ملتان، خاندان چوراسي ۽ راڄڌاني جيسلمير جو ذڪر آهي. انهن هنڌن تي هن قبيلي جي حڪومت رهي. راجا چالڪ راڄڌاني لاهور جو حاڪم هو. راجا ڀاڳ گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ الھہ آباد جو راجا هو. جڏهن تہ توگر قبيلو پنجند جي خطي جو حاڪم هو. خاندان لانگاھہ ملتان جي راڄڌانيءَ جو مالڪ هو. خاندان ڪلاچ مالابار تي حڪومت ڪندو هو. هن قبيلي جون اڪثر جنگيون ڀٽي راجپوتن سان ٿينديون رهيون. جيسلمير مان کين ڀٽي قبيلي ئي ڀڄائي ڪڍيو هو. هن قبيلي جو آخري راجا مولراج هو. جنهن کانپوءِ مسلمان حملي آورن سندن طاقت کي منتشر ڪري ڇڏيو. هن قبيلي جون سورهن شاخون آهن.