چاليهو

چاليهو: فوتيءَ جي چاليهن ڏينهن تي فاتح يا خيرات جي رسم کي سنڌيءَ ۾ ’چاليهو‘ چئبو آهي، چاليهي کي مذهبي ڌريون ’چهلم‘ به سڏين ٿيون. خاص ڪري ڪربلا جي واقعي ۾ حضرت امام حسين عليھ السلام جي شهادت کان پوءِ 20 صفر تي هر سال، سنڌ توڙي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ماتم ۽ ’چهلم‘ جون مجلسون منعقد ڪيون وينديون آهن.
آڳاٽي وقت کان وٺي هيءَ رسم، خاص ڪري مسلمانن ۾ فوت ٿي ويل شخص جي ايصال ثواب لاءِ منعقد ڪئي ويندي آهي. ٽيجهي کان پوءِ ستين يا يارهين ڏينهن تي تڏو يا پٿر کڻندا آهن. فوتيءَ کي ان ڏينهن تي ختمو ڏياريو ويندو آهي. ڪي ماڻهو ايڪيهين تي به ختمو ڏياريندا آهن، جڏهن ته ڪي چاليهي تي ختمو ڏياريندا آهن. چاليهي تي باقاعدي خيرات جي ماني ٿيندي آهي، جيڪا راڄ جي ماڻهن ۽ واسطيدارن کي کارائي ويندي آهي. چاليهي جي ماني پهرين مردن کي ۽ پوءِ زالن کي کارائبي آهي. اها ماني عزيزن، شريڪن ۽ پاڙي وارن جي گهر به موڪلي ويندي آهي. اڪثر مري ويل شخص جي پيءُ جي پڳ چاليهي جي موقعي تي سندس وڏي پُٽ کي ٻَڌرائي ويندي آهي. ڪجهه مسلڪن وارا چاليهي جي رسم کي بدعت به قرار ڏيندا آهن.
اهل تشيع سان واسطو رکندڙ 20 صفر تي چاليهي/ چهلم جي ڏينهن امام بارگاهن ۾ مجلسون ڪرائي، ماتمي جلوس ڪندا آهن. عصر جي نماز وقت ڪٿي ڪٿي زنجيرن جو ماتم ڪيو ويندو آهي. ان موقعي تي نذر نياز به ٿيندو آهي. مسلمانن ۾ ٻين فرقن وارا، خاص ڪري سني مسلڪ سان واسطو رکندڙ ڪربلا جي شهيدن کي ايصال ثواب خاطر ننگر نياز ڪندا ۽ ذڪر خير لاءِ جلسا منعقد ڪندا آهن.
سنڌ ۾ لال جو چاليهو به مشهور آهي، جيڪو اُڏيري لال جي ياد ۾ ٿيندو آهي. آکاڙ مهيني ۾ جڏهن سج ڪَرڪ سنڪرانتيءَ (هندن جي جنتريءَ موجب هڪ راس جو نالو) ۾ ايندو آهي، اُن ڏينهن کان وٺي لال جو چاليهو شروع ٿيندو آهي. چاليهو، سخت گرمين جي چاليهن ڏينهن تي مشتمل هوندو آهي. چوڻي مشهور آهي ته:
’چاليهي ۾ ڪانءَ جي اک پئي نڪري.‘
آڳاٽي وقت ۾ آکاڙ جي 20 تاريخ کان چاليهو ڏانئبو هو، جيڪو ٻن ٻڌڙين تي پورو ٿيندو هو. اهي چاليهه ڏينهن شڪارپور ۾ سنڌ واهه تي ميلو متل هوندو هو. چاليهي جي آخري ڏينهن ۾ آُڏيري لال جي شهر مان ڌام ڌوم سان بهراڻا کڻي درياهه شاهه تي وڏي جلوس ۾ وڃبو هو. اُڏيري لعل جا جاٽي ڇيڄ جو ناچ ڪندا، دهلارين ۽ شرنائين جي سُر ۽ تال تي پنهنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي واري همراهه جي ڏوڪلن سان ٺڪاءَ ڪندا هلندا هئا، جيئن جيئن تال تيز ٿيندو ويندو هو، تيئن تيئن ڇيڄاري به جوش ۽ جنبش ۾ ڀرجي ٻن ٺڪاون جي وچ ۾ لوڏ سان ڦيري پائيندا هئا. ڪڏهن اوڪڙ ويهي به ڏوڪلا وڄائيندا هئا ۽ ناچ جون جدا جدا ادائون ڏيکاريندا هئا. ان ڇيڄ ۾ چار يا چاليهه ماڻهو به ناچ ڪندا هئا. ان سموري رسم واري موقعي کي ’چاليهو‘ چيو ويندو هو.
سنڌ توڙي هند ۾ سنڌي هندو اُڏيري لعل/ جهولي لعل جو چاليهو ڌوم ڌام سان ملهائيندا آهن. رڳو دهلي (ڀارت) شهر ۾ اُڏيري لعل جا چاليهه کن مندر آهن، جن ۾ چاليهو وڏي عقيدت سان ملهائبو آهي. چاليهن مندرن تان بهراڻا کڻي ’اشوڪ وهار‘ ۾ جهولي لعل جي مندر تي ’چاليهو‘ وڏي مان شان سان ڪيو ويندو آهي. لطيف سائينءَ به ’چاليهي‘ کي بيان ڪيو آهي:
’تهڙا چاليها نه چاليهه، جهڙو پسڻ پرينءَ جو‘.


لفظ چاليهوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو