چالڪا (ذات)

چالڪا (ذات): هي سنڌي سماٽن جي هڪ ذات آهي. هن ذات وارا اڪثر ضلعي ٺٽي جي تعلقي جاتيءَ جي چالڪي ديھہ ۾ آباد آهن. جن جي گذرسفر جو ذريعو ماهيگيري (مڇي مارڻ) آهي. هي پنھنجي فن ۽ ڌنڌي جا وڏا ڄاڻو ۽ چالاڪ آهن. ان ڪري چالڪا سڏجن ٿا. هن وقت هن ذات وارن جا تمام گهٽ ڳوٺ بچيا آهن. جڏهن تہ هنن مان پڙهيل نوجوان پنھنجي قبيلي جي ترقيءَ ۽ بھبود لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو