چال (مينهن جو قسم): هيءُ مينهن جو هڪ اعليٰ قسم آهي. هن قسم جون مينهون کير توڙي مکڻ جي لحاظ سان ڀليون ٿينديون آهن. هنن جي مٿي تي اڇي ٽِڪي جو نشان ٿيندو آهي ۽ پيرن جي کرن ۽ ٽنگن تي بہ اڇا نشان ٿين ٿا. چال مينهن جسامت، اوھہ ۽ هلت ۾ پري کان پاڻ ڏسـائيندي آهي. سنڌ انـدر هـن قـسـم جـي مينهن کي شوقين ذوق وچان ڌارين ٿا. چال مينهون موجودہ وقت بہ لاڙ واري پاسي جا ماڻهو وڏي شوق سان پالين ٿا. هن نسل جي مينهن پاڻيءَ ۾ مُنهن هڻي، پاڻيءَ ۾ ٻُڏل گاھہ پَٽي کائيندي آهي. سنڌ اندر مينهن جو هيءُ نسل ڀلين مينهن جي نسل طور تصور ڪيو وڃي ٿو. پِڙين ۾ بہ هن مينهن جو وڏو اگهہ هوندو آهي.