چامٺو: چامٺي کي ’اڌ لکي‘ بہ چئبو آهي. هيءُ انچ کن چم جو ويڪرو پٽو ٿيندو آهي، جيڪو پاڪيءَ کي ڇيرڻ لاءِ حجم پنھنجي دڪان تي رکندا آهن. ڪنهن وقت ۾ چامٺو حجم ۽ دڪان جي سونهن ليکيو ويندو هو. حجم استعمال هيٺ ايندڙ پاڪيءَ جي ڌار کي چامٺي (چمڙي) تي گهي تکو ڪندو هو. هاڻي جديد بليڊن ۽ ريزرن جي اچڻ کان پوءِ چامٺي جو استعمال ذري گهٽ ختم ٿي ويو آهي. اڄڪلھہ ڌار وارين پاڪين جو استعمال ان ڪري بہ نٿ ٿئي جو ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي تہ هڪ ئي پاڪي مختلف ماڻهن تي استعمال ٿيڻ سان مختلف وائرس ۽ بيماريون ڦهلجن ٿيون. موجودہ وقت ۾ حجمن جي دڪانن تي عام بليڊ واريون پاڪيون استعمال ٿين ٿيون. ان ڪري چامٺو هڪ گم ٿيندڙ لفظ آهي.