چاندو فقير

چاندو فقير: نامور بزرگ چاندو فقير ولد گجو فقير مڱريو، سترهين عيسويءَ جي آخر ڌاري جيسلمير ۾ ڄائو. سندس والد به وڏو بزرگ ۽ عالم هو. چاندو فقير ڪا به ظاهري طرح ڪا تعليم حاصل نه ڪئي، پر والد جي تربيت هيٺ رهي عالم بڻيو. ننڍپڻ کان ئي پرهيزگار ۽ عبادت گذار هو. اڪيلائيءَ ۾ رياضتون ڪندو. هميشه ماڻهن کي الله جي رستي تي هلڻ جي تلقين ڪندو هو. ماڻهو تڪليفن وقت وٽس ايندا هئا ته سندن مدد ڪندو هو. هن لاءِ مشهور آهي ته: هڪ دفعي پاڙي جي هڪ هندو بيوهه عورت جون ڍڳيون ڀاٽي ڌاڙيلن جو ٽولو ڪاهي ويو. مائي مدد لاءِ ڪيترن اثر رسوخ وارن ماڻهن وٽ وئي، پر ڀاٽي ڌاڙيلن جو ٻُڌي ڊِڄي ويا ۽ ڪنهن به سندس مدد نه ڪئي. مائي جڏهن چاندو فقير وٽ پهتي، ته هو پنهنجي چاچي هِندال، سئوٽ علي ۽ هڪ مڱڻهار فقير سان گڏ اُٺن تي سوار ٿي منهڙي جي ميدان وٽ ڀاٽين جي ٽولي سان مدمقابل ٿيو، چاندي فقير ڍڳيون ته آزاد ڪرايون، پر خود ساٿين سميت وڙهندي شهيد ٿي ويو ۽ ڪيترا ڌاڙيل به مارجي ويا. کيس شهادت واري جاءِ منهڙي ۾ دفنايو ويو، ڇو ته هن حياتيءَ ۾ وصيت ڪئي هئي ته آئون جتي به مران ته مون کي اتي ئي دفنايو وڃي.“
چاندو فقير جا پوٽا چانداڻي سڏجن ٿا، جيڪي هندستان جي ٻاڙمير ۽ جيسلمير علائقي ۽ سنڌ ۾ عمرڪوٽ، ميرپورخاص، ٿرپارڪر، سانگهڙ، خيرپور ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ آباد آهن.


لفظ چاندو فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو