
چاندي (Silver)

چاندي (Silver)
چاندي (Silver): سفيدي مائل چمڪيدار ڌاتوئي عنصر، جيڪو گرمي ۽ بجليءَ جو بهتر پسرائيندڙ ليکو وڃي ٿو. ان جي علامت Ag، ايٽمي نمبر 47، پگهرڻ پد 9620C ۽ ائٽمي وزن 107.868 آهي. چاندي، لوھہ کان نرم، پر سون کان سخت آهي. قديم وقت کان وٺي چانديءَ کي زيورن يا سڪن جي صورت ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي. هڪ اندازي موجب 2500 ق. م کان بہ اڳ چانديءَ جي کاڻن تي ڪم ٿيندو رهيو آهي.
چانديءَ تي سلفائيڊ ۽ سلفر اثر انداز ٿي کيس وڌيڪ چمڪ بخشين ٿا.
چانديءَ ملھہ ڪٿڻجي ڪم بہ ايندي رهي آهي، سنڌ ۾ ان کي رُپو بہ چئبوآهي ۽ ان ڪري ئي رُپئي تي اهو نالو پيو. چانديءَ مان عورتن جي پيرن، ڳچيءَ ۽ ڪنن جا مختلف زيور ٺهندا آهن، جن ۾ ڪڙيون، ساٽيون، ڪٺمال، نيوَر، پنڙا، پازيب، ڇير وغيرہ شامل آهن.
چانديءَ کي حڪمت ۾ بہ استعمال ڪيو ويو آهي، ان جو مخصوص مقدار/ مرڪب مختلف طريقن سان بيمارن جي علاج لاءِ طبيب ڪتب آڻين ٿا.
هن مشھور ڌاتوءَ کي کاڻين مان کوٽي ڪڍيو ويندو آهي. حڪيمن موجب هيءُ ڌاتو ڪيترين بيمارين: ماليخوليا، خفقان، سوداوي بيمارين، کنگهہ، دمڪشي، جلندر، ٻرهل، پيشاب جي ساڙي، بواسير جي رت جي گهڻائي گردن ۽ مثاني لاءِ فائديمند آهي. هن ڌاتوءَ مان حڪيم مختلف طريقن سان ڪي دوائون/ ڪک ٺاهي مختلف بيمارين جو علاج ڪن ٿا.