چاندي فقير ڀيل

چاندي فقير ڀيل

چاندي فقير ڀيل

چاندي فقير ڀيل (فنڪار): سنڌ جو مشھور ناچو ڪلاڪار، چاندي فقير ولد اجيم ڀيل، 10 آگسٽ 1954ع تي ڳوٺ مالهيءَ جو پار تعلقي ڇاڇري ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڄائو. سندس مائٽ مسڪين ۽ هر هاري هُئا. جيڪي بعد ۾ لڏي اچي تعلقي کپري ۾ رهيا ۽ چاندي فقير کي ڪو نہ پڙهايائون. هي ننڍپڻ کان شادين مُرادين ۽ ميلن ملاکڙن ۾ کڙتال (چپڙي) کڻي، پيرن ۾ گهنگهرو ٻڌي ناچ ڪري ماڻهن کان داد حاصل ڪندو رهيو. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ڀٽ شاھہ جي ميلي بعد، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کيس ميڊيا تي متعارف ڪرايو. ان بعد ثقافت ۽ سياحت کاتي سنڌ جي معرفت ملڪي ۽ غير ملڪي سطح تي پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيائين. هٿن ۾ کڙتال ۽ پيرن ۾ گهنگهرو ٻڌي، پنھنجي فن جو مظاهرو هن انداز سان ڪندو آهي. (1) لابارو ڪرڻ (2) ڇڙائي وورائي ڪرڻ (3) جنڊ پيهڻ (4) کير ولوڙڻ (5) گاھہ لُڻڻ ۽ (6) سنڌي جُهومر هڻڻ وغيرہ. هي علڻ فقير، عبدالواحد جمالي، حسين بخش خادم، اقبال جوڳي، الھہ بچايي کوسي، غوث بخش بروهي ۽ ٻين سنڌ جي مشھور فنڪارن سان گڏ پرڏيھہ ۾ بہ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. چاندي فقير تعلقي کپري ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.08.10  عيسوي

سنڌ جو مشهور ناچو ڪلاڪار، چاندي فقير ولد اجيم ڀيل، 10 آگسٽ 1954ع تي ڳوٺ مالهيءَ جو پار تعلقي ڇاڇري ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڄائو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ عرس
آصف چارڻ
ڀاڳچند پنجابي
الھڏنو نوناري
امين راهي گويو
بدرو ملتاني
خانصاحب اُستاد فتح علي خان
پکراج ملڪہ
رتن جوتو مل ڇڳاڻي
فتح محمد خان ڏيڌڙو
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون