
چاند بيبي
چاند بيبي: (1544- 1599ع): حسين نظام، احمد نگر (دکن) جي بادشاھہ جي ڌيءُ هئي. رائج علم حاصل ڪرڻ سان گڏ فوجي سکيا بہ ورتائين. سندس شادي بيجاپور جي حاڪم علي عادل شاھہ مردان سان ٿي. پردہ نشين هوندي بہ ميدان جنگ ۾ اڪثر بھادر مردن کي مات ڏيندي هئي. چاند بيبيءَ کي مغل فوجن جي مقابلي ۾ زبردست ڪـامـيابيـون حـاصـل ٿيـون. ان ڪـري بيجاپور ۽ احمد نگر جي ماڻهن ۾ بہ همت پيدا ٿي. اڪبر اعظم احمد نگر جي فتح لاءِ شھزادي مراد کي مقرر ڪيو. ليڪن هن شير دل عورت 1595ع ۾ مراد کي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو. ٻئي سال گوداوري نھر جي ڪناري تي شھزادي دانيال سان زبردست مقابلو ڪيائين. آخرڪار 1599ع ۾ اڪبراعظم پاڻ مقابلي لاءِ آيو. احمد نگر جي قلعي دار حميد خان جي سازش ۽ غداريءَ جي ڪري، سپاهين هن بھادر عورت کي محلات ۾ داخل ٿي قتل ڪيو. ان طرح 1600ع ۾ اڪبر جو احمد نگر تي قبضو ٿي ويو. اها هڪ حقيقت آهي تہ جيسين تائين چاند بيبي زندہ هئي، اڪبر جو ڪوبه فوجي قلعي ۾ داخل نہ ٿي سگهيو، ڇو تہ هن بھادر عورت کان هندستان جا اڪثر بادشاھہ ۽ حاڪم ڊڄندا هئا.