چانهه جي پوک
چانهه (Tea)
چانهه (Tea): چانهه جي پوک جي شروعات چين ۾ 2737 ق. م کان چئي وڃي ٿي. جتان پوءِ سڄيءَ دنيا ۾ پکڙجي وئي. چين جي بادشاهه شين ننگ کي جڏهن اندر جي صفائيءَ جو جنون ٿيندو هو ته پاڻيءَ جي ديڳ ڪاڙهائي اُن جو پاڻي پيئندو هو. هڪ دفعي قدرتي پيدا ٿيل چانهه ٻوٽي جا پتا ان پاڻيءَ ۾ ڪري پيا، جنهن پاڻيءَ بادشاهه کي تازگي بخـشـي. مـعلوم ڪرڻ تي هن کي خبر پئي ته پاڻيءَ ۾ چانهه جون پتيون ڪري پيون هيون. ان کانپوءِ چانهه هڪ ناياب ٻوٽو شمار ڪيو ويو. انڊيا ۾ به روايت آهي ته مهاتما ٻُڌ جڏهن ڌيان گيان کان واپس موٽيو ته پاڻ سان گڏ چانهه ۽ ان جو ٻج کڻي آيو. ان کان پوءِ انڊيا ۾ چانهه جي پوک شروع ٿي. يورپ ۾ چانهه 1559ع ڌاري پهتي.
1664ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ چانهه جو سير کن انگلنڊ جي بادشاهه چارلس-II کي تحفي طور ڏياري موڪليو. پوءِ ته ٻن سالن اندر انگلنڊ جي معاشري ۾ چانهه فيشن بڻجي وئي. هن وقت دنيا جي جملي آدمشماريءَ جي ٽئين حصي کان وڌيڪ ڀاڱو چانهه پيئندڙ آهي. هندستان ۾ گهڻي چانهه آسام ۾ ٿئي ٿي. سريلنڪا ۾ چانهه جي پوک ويجهڙائيءَ ۾ شروع ٿي آهي. برما ۾ به چانهه جي پوک چڱي انداز ۾ ٿئي ٿي.
چانهه جي ٻوٽن ۾ هيٺيان جزا صحت لاءِ نقصانڪار ٿيندا آهن:
(1) ٿين (Theini): هي کار جهڙو زهري جزو آهي، جيڪو ٿوريءَ دير لاءِ چانهه پيئندڙ کي چست ڪندو آهي، پر ساڳئي وقت ذهن کي سست ڪندو آهي. ان جزي کان سواءِ چانهه جو لطف گهٽجي وڃي ٿو.
(2) ٽئنن (Tainin): هي به هڪ زهريلو جزو آهي، جيڪو 15 سيڪڙو چانهه مان حاصل ٿئي ٿو. اهو جزو معدي ۾ هاضمي جي رس کي بگاڙي ٿو، جنهنڪري هاضمو خراب ٿيو وڃي.
ان کان سواءِ چانهه ۾ ڪافور وانگر اڏامندڙ تيل جو هڪ قسم به موجود آهي، جيڪو چانهه ۾ خـوشـبوءِ پيـدا ڪري ٿو. اهو وقتي طور چستي پيدا ڪري ٿو، پر ان جي اثر ختم ٿيڻ تي جـسـم سـُسـت ۽ ڪمزور ٿيو پوي. چانهه قدرتي طرح بک ۽ ننڊ وڃائي ٿي. گڙدن کي ڍِلو ڪري پيشاب کي وڌائي ٿي. مغز جي پردن کي خشڪ ڪري هاضمو خراب ڪري ٿي. چانهه سوا ٽي سيڪڙو ۽ ڪافي ساڍا چار سيڪڙو انساني جسم ۾ بورڪ ائسڊ پيدا ڪري ٿي، جنهنڪري مٿي جي سور، وائي سور، مغز جي موڳائي، ننڊ ۾ خلل، دمڪشي، اکين جون خرابيون، پيشاب ۾ پٿري ۽ ذيابيطس وغيره جهڙيون بيماريون پيدا ٿين ٿيون، جيڪي انسانن لاءِ هاڃيڪار آهن.
چانهه جو هڪ ٻيو قسم سبز چانهه (Green Tea) آهي، جيڪو به ساڳئي قسم جي هڪ ٻوٽي مان ملي ٿو. هن قسم جي چانهه جي ٻوٽي جي پتين کي ڇِني، سُڪائي 24 ڪلاڪن کان پوءِ ڪڙهائيءَ ۾ مخصوص وقت تائين ڪاڙهي يا پنن کي سيئڻ يعني ٻاڦ ذريعي ٽهڪائي ٺاهي وڃي ٿي. هيءَ چانهه ڪاري چانهه جي مقابلي ۾ گهٽ نقصانڪار ٿئي ٿي. هن جو رنگ ساواڻ مائل ٿيندو آهي.
آمريڪي ماهر ڊاڪٽر ليسٽر ميجر موجب سائي چانهه ۾ وٽامن سي ۽ اِي وڌيڪ هوندا آهن. سائنسدانن جي تحقيق موجب هيءَ چانهه معدي ۽ چمڙي جي سرطان کي نه صرف گهٽ ڪري ٿي، پر انهن کان بچڻ جو اهم ذريعو به آهي. هن چانهه ۾ E.G.C.G نالي هڪ مادو هوندو آهي، جيڪو Anti Oxidant هوندو آهي. چين ۾ هيءَ چانهه قوت مدافعت مضبوط ڪرڻ ۽ هاضمي جي نظام لاءِ استعمال ڪئي وڃي ٿي. ڪاري چانهه سان دماغ جا پردا خشڪ ٿين ٿا پر هن چانهه سان دماغ ۽ رت جي دوري کي تحرڪ ملي ٿو. هيءَ چانهه بالائي بنفي شعائن (Ultra Violet Rays) جي نقصانن کان چمڙيءَ کي محفوظ رکي ٿي. ويسٽرن ريزڊ يونيورسٽيءَ جي ماهر محققن مطابق سائي چانهه سج جي تپش سبب چمڙيءَ تي ٿيندڙ الرجي ۽ ٻين تڪليفن کان به ڇوٽڪارو ڏياري ٿي. يونيورسٽي آف ڪئنساس جي سائنسي ماهرن موجب سائي چانهه ۾ A, B, C جا ڪيميائي مادا موجود هوندا آهن، جن جي استعمال سان ڪينسر ۽ دل جي بيمارين سميت ٻين اهڙين بيمارين کان، جيڪي جيوگهرڙن تي اثر انداز ٿين ٿيون، بچي سگهجي ٿو.
چانهه جي تازي لڳايل ٻوٽي مان ٽن سالن کانپوءِ پيداوار لهندي آهي ۽ اهو سلسلو پنجاهه سالن تائين جاري رکي سگهجي ٿو.