چانهونءَ جو دڙو
چانهونءَ جو دڙو
چانهونءَ جو دڙو: هي ماڳ تعلقي سڪرنڊ، ضلعي نوابشاهه (بينظيرآباد) جي ڳوٺ جمال ڪيريي کان ڏکڻ طرف داد واهه جي هڪ ڇاڙهه تي آهي. چانهونءَ جو دڙو سنڌو درياهه جي موجوده وهڪري کان 12 ميلن ۽ موهن جي دڙي کان 80 ميل پري ڏکڻ اوڀر ۾ آهي. هن ماڳ جي سڀ کان پهريان باقاعدي کوٽائي گڏيل هندستان جي آرڪيالاجي کاتي جي آفيسر اين. جي. مجمدار 1931- 1930ع ڌاري ڪئي هئي، ۽ جتان موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي دور جون شيون مليون هيون، جن مان ڪي اهڙيون اڻلڀ شيون به لڌيون هيون، جنهن مان ثابت ٿيو ته هن دڙي جو تعلق موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي برباد ٿي وڃڻ کانپوءِ جي دور سان به رهيو آهي. 36-1935ع ڌاري مسٽر مئڪي طرفان تمام گھڻو هيٺ کوٽائي ڪرائڻ سان دلچسپ نتيجا حاصل ڪيا ويا. هتان جو خاص دڙو ٺل نمبر 2 (Mound-II) آهي. هن ۾ هڙاپا جي دور جا ٽي جدا جدا تهه موجود آهن، جن مان پتو پوي ٿو ته هيءَ بستي گھٽ ۾ گھٽ ٻه ڀيرا ٻوڏ هيٺ اچي تباهه ٿي ۽ ٻئي ڀيرا وري آباد ڪئي وئي. ان دور کان پوءِ ڪجهه عرصو هيءَ بستي غيرآباد رهي ۽ پوءِ وري ان کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ مٽيءَ جي ڪچين سِرن جو ٿلهو ٺاهي، ٿورو مٿي ڪيو ويو ۽ پوءِ ان ٿلهي مٿان گھر ٻڌا ويا. کوٽائي ڪيل حصي جون عمارتون 25 فوٽ ويڪري سڙڪ تي آهن. ٻيون ڳليون 30 ڊگرين جي سڌائيءَ تي ان سڙڪ سان اچي ملن ٿيون. انهن ڳلين ۾ ڪنارن تي تمام سٺيون ڍڪيل ناليون
ٺهيل هيون، جن کي هميشه صاف ڪيو ويندو هو. هتان ڪُٽ، ٽامي، سِپيءَ ۽ عاج جي سامان ٺاهڻ جون شيون گھڻي انداز ۾ لڌيون ويون آهن. هتان ٽامي جا اوزار ۽ ڪچي ڌات جا پگھاريل ٽڪرا گھڻي انداز ۾ مليا آهن. ٻئي ٺل جي مٿئين تهه تي جھُڪر جي دڙي واري تهذيب سان مشابهت رکندڙ باقيات مليون آهن، جن کي ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هڙپا تهذيب جي خاتمي کان پوءِ چانهون جي بستي تي قبضو ڪيو ويو ۽ پراڻن، خالي ۽ ڀڳل ٽٽل گهرن جي سرن کي بي ترتيب ڳنڍي جوڙي گهر آباد ڪيا ويا. هتي ماڻهو غالباً چورس يا مستطيل گهرن ۾ رهندا هئا، جن جا فرش ڪچا هوندا هئا ۽ رڌپچاءَ لاءِ چلهيون گهر جي ٻاهران هونديون هيون. جتي هوا کان بچڻ لاءِ ننڍيون وڏيون ڀتيون آڏ وانگر ڇڏيندا هئا. هن ماڳ تي ڪل ٽي دڙا آهن. دڙو نمبر 1 الڳ ۽ دڙو نمبر 2 ۽ 3 هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. دڙو نمبر ٻيو ٻُڌن جو وهار (Stupa) آهي. هڪ دڙي جي اوچائي لڳ ڀڳ 19 فوٽ آهي. پهريون دڙو ڪجهه وٿيرڪو 17 فوٽ اوچو آهي. ٽنهي دڙن جي والار ۾ ايندڙ ايراضي 1700x1000 ٿيندي. مجمدار دڙي نمبر 3 تي ٻه کڏا 16 فوٽ ويڪر ۾ هڪ 150 فوٽ ٻيو کڏو 70 فوٽن جي ڊيگهه ۾ هنيو. کڏن جي اونهائي 7 کان 12 فوٽ هئي. کوٽائيءَ مان اڏاوتن جا نشان مليا، جيڪي گهڻو ڪري ڪچين سرن جا هئا، ڪٿي ڪٿي پڪي سِرَ به استعمال ٿيل هئي. هي اڏاوتن جا نشان ڌرتيءَ جي سطح کان هيٺ تري جي سطح کان 13 فوٽن جي اونهائيءَ ۾ مليا. هتي ئي هڪ کوهه به مليو، جنهن جو قطر ساڍا ٽي فوٽ هو. استعمال ٿيل سرن جا مُنڍا هڪ پاسي کان موڪرا ۽ ٻئي پاسي کان سوڙها هئا. اهڙي ئي سر جو نمونو موهن جي دڙي جي کوهن ۾ به استعمال ٿيل آهي. 12 فوٽن جي اونهائيءَ تي ڪافي تعداد ۾ ٺڪراٺو مليو. ٺڪراٺو موهن جي دڙي سان ڀيٽڻ جهڙو مليو آهي. هڪ فوٽ وڌيڪ کوٽائي ڪرڻ سان چٽيل ٺڪراٺو مليو. دڙي نمبر 1 تي ٽين کاهي کوٽي وئي، جيڪا 80 فوٽ ڊگهي، 12 فوٽ ويڪري ۽ 7 فوٽ اونهي هئي. ان مان پڪين سرن جي ڀتين جا نشان ۽ پاڻيءَ جون ناليون ظاهر ٿيون، ڀتين جي وڌيڪ اوساري ۽ ٻيهر اڏاوتن جي نشانن مان خبر پوي ٿي ته اهي اڏاوتون مختلف دورن ۾ ٿيون هونديون. اهي سرون موهن جي دڙي ۾ استعمال ٿيل سرن جهڙيون آهن. هن کاهيءَ مان به ڪافي وٿون مليون.
هتان هٿ تي ٺهيل ٿانون جو ٿلهو ۽ کهرو ٺڪراٺو مليو آهي. مٿان هلڪي ڳاڙهي اَرڙي (Slip) مٿان ڪاري رنگ جو چِٽ مليو آهي. ٿانون تي پپر جو پن، هرڻ جو چٽ وغيره به مليو آهي. هرڻ جي چٽ وارو ٿانءُ موهن جي دڙي مان نه مليو آهي. ان کان سواءِ مور جي چٽ وارو ٿانءُ. ٻيو چٽ، جنهن ۾ مور، نانگ کي ٺونگا هڻندي ڏسيو ويو آهي. هنن ٺڪرن جو رنگ ڳوڙهو خاڪي آهي. تمام هيٺائين تهه مان خاصي تعداد ۾ خاڪي رنگ جو ٺڪراٺو مليو آهي، تنهن تي ڪاري ۽ ڳاڙهي رنگ جا چٽ چٽيل آهن. چانهونءَ جي دڙي جي مٿئين حصي مان جيڪي ٿانو مليا آهن، سي گهڻو ڪري نموني ۽ بناوت ۾ هڙاپا سان مشابهت رکندڙ آهن. مجمدار کي جهڪر جي کوٽائيءَ مان پهريان جيڪي ٿانو مليا هئا، اهي هڙاپائي تهذيب کان بعد جا آهن. جهڪر جي ٿانون جي خصوصيت اها هئي ته انهن تي سڌا ۽ وڏا پٽا نڪتل آهن. انهن ڪارن ۽ ڳاڙهن پٽن جي وچ تي V وانگر چٽ چٽيل آهي. ڦولدار چٽ، جن ۾ پن ۽ مکڙيون ڪاري يا واڱڻائي رنگ ۾ چٽيل آهن. هتان جيڪي شيون مليون آهن، جهڙوڪ: ڪهاڙيون، ڪوڏرون، رنبا، ڀالا، ٽامي ۽ پتل جي مختلف نمونن جا ٿانو ٻڌائين ٿا ته چانهونءَ جو دڙو انهن ڌاتن جي سامان ٺاهڻ جو مرڪز هو. پٿر جي اوزارن ۾ اسان کي پاساڙا ڪٿي چوڪنڊا، ڪٿي وري نوڪدار مليا آهن. ان قسم جا اوزار عراق جي ڪش ماڳ تان به مليا آهن. هتان قيمتي پٿر کي لسي ڪرڻ جا رهڙا (Polisher) به مليا آهن. چانهونءَ جي دڙي ۾ انهن سخت ڌاتن جي ڪم کان به وڌيڪ داڻي سازيءَ جو ڪم ٿيندو هو. اتي فيروزي پٿر مان ٺاهيل مالها جا داڻا ڳئون جي پڇ جي شڪل (Barren Shape) وانگر آهن. موهن جي دڙي مان جيڪي شاندار جڙاوت وارا مڻيا مليا آهن، سي ممڪن آهي ته چانهونءَ جي دڙي ۾ ٺاهيا ويندا هجن. ڇو ته کوٽائيءَ دوران ان قسم جا مڻيا هتي تمام گهڻي انداز ۾ مليا آهن، ۽ گهڻو ڪري جڙاوت جي مختلف مرحلن واري حالت ۾ آهن. پٿر جا مستطيل ٽڪر، جيڪي اڻ گهڙيل شڪل ۾ هئا، تن جا پاسا گهڙي سانچن ۾ ٺاهي ڪڍيا ويندا هئا. وچ مان سِراهيءَ ذريعي سوراخ ڪيو ويندو هوندو. پٿر کي سوراخ ڪڍڻ جا اوزار ڪجهه سالم حالت ۾ به مليا آهن. اڳي پٿر کي ٽامي جي سراهي سان سوراخ ڪڍيا ويندا هئا. هتان جا ماڻهو تور ماپ جي هنر کان به واقف هئا. لٺ جي مٺئي لاءِ پٿر جا مٺيا، پٿر جون ساديون رڪيبيون جيڪي گهڻو ڪري ڳريل حالت ۾ مليون آهن، ٻارن جي رانديڪن ۾ ڍڳو، بيل گاڏيءَ ۾ جوٽيل، ۽ ڪڪڙ پکيءَ نموني جون وڄائڻ واريون سيٽيون، ڌرتي ماتا جي مورتي، جنهن کي مٿي تي عجيب نموني جي ٽوپي پهريل آهي، گهڻي تعداد ۾ مليون آهن. ڌرتي ماتا جي هتي پوڄا ٿيندي هئي. ماتا ديوي جنهن کي وارن جا ويڪرا چوٽا آهن، انهن کي سينگارڻ لاءِ پٽا ڪڍيا ويا آهن. انهن جي رنگن ۾ وارن جون چڳون ڏيکاريل آهن. نڪ کي هٿ جو زور ڏئي سادي نموني ٺاهيو ويو آهي. اها مورتي هر گهر اندر ڀت جي جاري ۾ رکي ويندي هئي. ان کان سواءِ مهرون يا مهرن وانگر تعويذ پڻ مليا آهن، جيڪي سنگ جراحت مان جڙيل آهن. انهن مهرن تي پڻ موهن جي دڙي ۽ هڙاپا وانگر جانور اڪريل آهن. اها گهڻو ڪري هڪ سڱئي جانور جي تصوير آهي. انهيءَ جانور کان سواءِ ڪن ٻين جانورن جون تصويرون ۽ تحريري شڪليون به اڪريل آهن. هتان ٺڪريون ۽ ڪوڏ جون چوڙيون به مليون آهن. انهن تي چٽ چٽيل آهن. ڪوڏ واريون چوڙيون وڏي ڪوڏ جي وچ واري حصي مان بنايون وينديون هيون. ان قسم جون چوڙيون دکن گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ موهن جي دڙي تان به مليون آهن.
ڪجهه لڌل شين جو وچور: مختلف ڊيگهه، ويڪر ۽ نمونن جا پٿر جا مڻيا، اڌ ۾ ڇڏيل ۽ اڻ تيار ٿيل مڻيو، عقيق جي مڻيي جو اڌ، جنهن جو وچ وارو پاسو ٿلهو، مٿيون پاسو سنهو، ٻنهي پاسن جو رنگ اڇو، لاجورد جو ڊگهيرڙو مڻيو، سائو فيلسپار جو مڻيو، سنک مان ٺهيل چوڙيءَ جا ٽڪر، پٿر جي مهر، جنهن تي پپر جو پن اُڪريل آهي ۽ تصويري تحرير نظر ڪانه ٿي اچي، ٺڪر جي چوڪور ٽڪي، جنهن ۾ پنج سوراخ نڪتل آهن، مٽيءَ جو پڪل رهڙو، مٿس ميٽائين رنگ جا پٽا، مٽيءَ جو پڪل ٻاراڻين راند لاءِ گاڏيءَ جو ڦيٿو، ٺڪر جي ڍڳي جي مورتي، ٺڪر جي پکيءَ جي مورتي، ٺڪر جي ماتا ديويءَ جو مجسمو/ مورتي، ٺڪر جي هڪ سڱئي جانور جي مورتي، سوراخ نڪتل ٺڪر جي ڀولي جي مورتي، ڳاڙهن چٽن سان، ٺڪر جي مينهن جي مورتيءَ جو ڀڳل ٽڪرو، ٺڪر جو گلدان، ٺڪر جو ڪڙي سان وٽو، ننڍو ٺڪر جو ڍڪ. مٿس ڳاڙهي رنگ جا گول نشان، سوراخن سان گلدان، ٺڪر جي ڪوناري. جنهن جي ڳچيءَ جا ڪنارا ٻاهر نڪتل اوچائي 11.25 انچ، چٽيل ٺڪر جو گلدان ڳاڙهي ليئه تي ميٽائين رنگ جا پٽا نڪتل، ٺڪر جو گلدان. هيٺيون پاسو لوٽيرو ۽ ترو ويٺل، ڳچيءَ واري مٿئين ڪناري ٻاهر نڪتل. مٿين پٽي ۾ پپر جي پن جو چٽ، بيضوي شڪل جا گولڙا ۽ ماڪوڙا نڪتل. هيٺين پٽي ۾ گلتي پاسن سان چورس، ٺڪر جي پکين جي جوڙي وچ تي گل جو چٽ، ٺڪر جنهن ۾ مور نانگ کي پڪڙيندي ڏيکاريو ويو آهي.
هتي آثارِ قديمه جي ماهرن 1931ع، 1935ع ۽ 1936ع ۾ کوٽائي ڪرائي، جنهن ۾ ’هڙاپا‘ تهذيب جا ٽي تهه دريافت ٿيا، پڪين سِرن سان ٺهيل مضبوط عمارتون سڌن رستن تي گھٽين ۾ واقع هيون، بازارن ۾ کليل ۽ ڍڪيل ناليون ٺهيل هيون ۽ هتي ٽامي، ڪنجهي، سپي ۽ هاٿيءَ جي ڏندن مان ٺهندڙ سامان، هر قسم جي مٽيءَ جا ٿانو، ٽامي ۽ ڪنجهي جا ٿانو، رانديڪا ۽ مورتيون مليون آهن.