
محمد هاشم چانهيو
چانهيو، محمد هاشم: استاد، فنڪار، وڪيل ۽ سياستدان محمد هاشم چانهيو، 1930ع ڌاري ٽنڊي آدم ۾ ڄائو. هن جو شمار سنڌ جي بھترين استادن ۾ ٿيندو هو. محمد هاسم چانهيو اسلاميہ ڪاليج هالا، سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد ۽ نيو عليڳڙھہ ڪاليج ٽنڊي آدم ۾ پروفيسر رهيو. پيپلز پارٽيءَ جو سينيئر اڳواڻ مخدوم امين فهيم، استاد وزير علي خان ۽ ڏاڏا فيض علي شاھہ سندس شاگرد رهيا آهن. استاد محمد هاشم ڪجهہ عرصو سياست سان بہ لاڳاپيل رهيو ۽ پهريون ڀيرو پيپلز پارٽي سٽي ٽنڊي آدم جو پهريون صدر ٿيو. سندس سياسي ويجهڙائپ ڄام صادق عليءَ سان هئي. ڄام صادق عليءَ جي وڏ وزارت دوران اُستاد محمد هاشم سندس پوليٽيڪل سيڪريٽري بہ رهيو. ان کان سواءِ محمد هاشم چانهيو ناليوارو فلمي اداڪار بہ هو. هن سنڌي فلمن: ’پرو چانڊيو‘ ۽ ’شھيد‘ سميت شاھہ اسد جي تيار ڪيل وڊيو فلم ’شاگرد‘ ۾ اداڪـاريءَ جـا جوهر ڏيکاريا. محمد هاشم چانهيي، 70 سالن جي ڄمار ۾ 11 آگسٽ 2000ع ۾ وفات ڪئي. کيس اباڻي قبرستان سيد اسماعيل شاھہ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
2000.08.11 عيسوي
محمد هاشم چانهيي، 70 سالن جي ڄمار ۾ 11 آگسٽ 2000ع ۾ وفات ڪئي. کيس اباڻي قبرستان سيد اسماعيل شاهه ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.