چانهِين

چانهِين: چانهين ٻڪريءَ جو هڪ قسم آهي، جنهن کي رنگ جي نسبت سان ’چانهين‘ سڏيو وڃي ٿو. هن قسم جي ٻڪريءَ جو رنگ چانھہ پکيءَ جي کنڀن جهڙو هوندو آهي. هيءَ ٻڪري ٻين عام ٻڪرين جي ڀيٽ ۾ ڊگهي قد جي ٿئي ٿي. هن جا سڱ عام طور ڊگها ۽ ڪنڍا هوندا آهن. جڏهن تہ هن جا ٻئي ٿڻ رامن جھڙا هوندا آهن. هن ٻڪريءَ جا ڪن ڊگها ٿين ۽ ان جي بت تي ڏاس گهڻي ٿئي. هيءَ ٻڪري کير جي ڀلي هوندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو