چانهڪ

چانهڪ: گاھہ جو هڪ قسم، جيڪو ڪچي ۾ گهڻو ٿيندو آهي. هن گاھہ جون گُريون مٺيون ٿينديون آهن. چانهڪ گاھہ کائڻ سان مينهون ۽ ڳئون کير زياده ڏينديون آهن. چانهڪ ڇَٽ هڻندي آهي. سانگي ۽ ڀاڳيا ماڻهو سانگ ڪري انهن ٻيٽن يا ٻيلن جي ڪنڌين وٽ وهندا آهن، جتي چانهڪ گاھہ جام ٿيندو آهي. هن گاھہ کي شاھہ لطيف بہ ڳايو آهي.


لفظ چانهڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو