چانور (Rice)
چانورن جي پوک
چانور (Rice): چانور پاڪستان جو اهم اناج وارو فصل آهن. هن فصل جي پوک ڪڻڪ کانپوءِ ٻئي نمبر تي ڪئي وڃي ٿي. سنڌ ۾ چانورن جي فصل کي ساريون (Paddy Rice) چيو وڃي ٿو. هي فصل خريف جي اهم فصلن طور پوکيو وڃي ٿو. اسان جي ملڪ جي 30 سيڪڙو آباديءَ جي خوراڪ جو دارومدار چانورن تي آهي. چانورن جي فصل کي صدين کان انساني خوراڪ ۾ وڏي اهميت رهي آهي. هن وقت به چانور فلپائين، ٿائلينڊ، چين ۽ بنگلاديش جي انساني آباديءَ جي مکيه خوراڪ رهيا آهن. چانورن يا سارين جي پوک دنيا اندر قديم زماني کان ڪئي وڃي ٿي. چانورن جو فصل سڀ کان پهرين خوراڪ واري فصل (Food Crop) طور ايشيا ۾ پوکيو ويو. چين جي قديم لکتن مان معلوم ٿئي ٿو ته پنج هزار سال اڳ به هن علائقي ۾ چانور مکيه فصل طور راجا ۽ مهاراجا پوکائيندا هئا. چانورن جو اصلي وطن ڏکڻ اوڀر ايشيا وارا ملڪ سمجھيا وڃن ٿا. بعد ۾ هي فصل اتر ايشيا ڏانهن پکڙيو. اهڙيءَ طرح چانور پنهنجي اصلي هنڌ کان ڏکڻ ۽ اوڀر ڏانهن پکڙيا، جنهن جو سبب انساني آباديءَ جي لڏپلاڻ آهي. هي فصل انڊونيشيا ۾ 1500 ق. م ۾ پوکيو ويو، جڏهن ته سريلنڪا ۾ چانور 543 ق.م کان به اڳ پوکيا ويندا هئا، جيڪي شايد خشڪ فصل طور پوکبا هئا. جپان ۾ چانورن جو فصل 100 ق.م دوران چين ذريعي متعارف ٿيو. چانورن جو فصل برازيل، وچ ۽ ڏکڻ آفريقا ۾ پورچوگيزن متعارف ڪرايو. هوائي (Hawaii) ۾ چانورن جو فصل 1853ع ۾ متعارف ٿيو. جڏهن ته آسٽريليا ۾ تجارتي لحاظ کان چانورن جو فصل 1924ع ۾ شروع ٿيو.
چانورن جي وڌيڪ پيداوار لاءِ پوکيءَ جي سڌريل طريقن کي ڪم آندو وڃي ٿو، جنهن ۾ جديد زرعي ٽيڪنالاجي شامل آهي. اڄڪلهه نئين ٽيڪنالاجيءَ ۾ هائبرڊ جنسون، ٻيجاري جي تياري، رونبي جا نوان طريقا، ڪيميائي ڀاڻ، پئراشوٽ ٽيڪنالاجي، سارين جي لاباري ۽ ڳاهه لاءِ مشينن جو استعمال عام جام آهي.
چانورن کي ٿري اُچار ۾ ’چائر‘ چوندا آهن. شاهه لطيفرح پنهنجي شاعريءَ ۾ ’چائر‘ لفظ هن ريت ڪتب آندو آهي ته:
”منجهان لنب لطيف چئي، چائر ڪيو چاڙهين“.
آبهوا (Climate): چانورن جو فصل گرم آبهوا سان موافقت رکي ٿو. پاڪستان ۾ چانورن جو فصل خريف يا اونهاري جي موسم ۾ پوکيو وڃي ٿو. جڏهن ته هن فصل جي وڌيڪ پيداوار لاءِ گرم ۽ نيم گرم علائقا موافق سمجھيا وڃن ٿا، جتي پاڻيءَ جو جهجهو بندوبست ٿيل هجي. چانورن جي فصل جي جياپي لاءِ وڌيڪ گرمي پد ۽ گھڻي سج جي روشنيءَ جي ضرورت پوي ٿي. هن فصل جي واڌ لاءِ گرميءَ جو درجو 20 ڊگري سينٽي گريڊ کان 38 ڊگري سينٽي گريڊ ضروري آهي. آبهوا جي لحاظ کان چانورن جي پيداوار لاءِ گرمي، فصل کي لاڳيتي تازي پاڻيءَ جي ضرورت ۽ مناسب زمين جو هجڻ لازمي آهي. چانورن جو فصل 22 ڊگري سينٽي گريڊ يا مٿين گرميءَ جي درجي تي ڪجهه علائقن ۾ ڪاميابيءَ سان پوکي سگھجي ٿو ۽ اهو گرميءَ جو درجو 4 کان 6 مهينن لاءِ مستقل هئڻ ضروري آهي.
زمين (Soil): چانورن جي فصل جي پوکيءَ لاءِ چيڪيون ۽ لٽاشيون زمينون بهتر سمجھيون وڃن ٿيون. چانورن جو فصل ڪجهه حد تائين زمين جو ڪلر برداشت ڪري ٿو. جڏهن ته چانور 4.5 کان 8.5 پي. ايڇ واري زمين ۾ پوکيا وڃن ٿا، جنهنڪري چانورن جي فصل لاءِ ڳري ساخت واريون زمينون بهتر آهن.
چانورن جي پوک جا طريقا (Methods of Paddy Cultivation): چانورن جي پوکيءَ لاءِ زمين ۽ پاڻيءَ جو مهيا ٿيڻ لازمي آهي. چانورن جي پوکيءَ وارن مـلـڪـن ۾ ٻه عام طريقا اسـتعـمـال هيٺ آهن، جنهن ۾ هڪ سڌي پـوکي (Direct Seeding) ۽ ٻيو رونبو (Transplanting) آهي. پوکيءَ جي ٻنهي طريقن ۾ بنيادي فرق اهو آهي ته رونبي واري طريقي ۾ پهرين ٻيجارو تيار ڪيو ويندو آهي ۽ بعد ۾ اهو تيار ٿيل ٻيجارو زمين ۾ رونبو ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته چانورن جي سڌي پوک لاءِ ٻج زمين اندر گھميل يا خشڪ حالت ۾ ڇاٽي يا قطارن ذريعي پوکيو ويندو آهي. اُهو طريقو انهن ملڪن ۾ بهتر آهي، جتي آبپاسيءَ جو پاڻي گھڻو ۽ ضابطي هيٺ آهي، اسان جي ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ جي حالتن ۾ رونبو سارين جي پوک لاءِ عام عمل آهي. اسان جي حالتن ۾ سارين جي سڌي پوک ڪن سببن جي ڪري ڪامياب نه آهي، ڇو ته اُن لاءِ زمين جي درست سنوت (Precision Land Leveling) سان گڏ پاڻيءَ جو وافر تعداد ميسر هئڻ، ان کي بهتر ضابطي ۾ آڻڻ ۽ گندگاهه ڪڍڻ جا مسئلا وغيره اهميت رکن ٿا. اهڙيءَ طرح هتي سارين جي سڌي پوک تمام ٿوري پيماني تي ٿئي ٿي.
سڌي پوک جا طريقا (Direct Seeding Method): دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سارين جي سڌي پوک جا ٽي طريقا عمل هيٺ آهن:
ڇٽ يا مٽيءَ واري ناڙي (Broadcasting or Drilling on Mud): هن طريقي موجب زمين کي پوکيءَ کان اڳ 5 کان 6 ڏينهن جالارو پاڻي ڏئي ريجايو ويندو آهي. بعد ۾ زمين آلي يا گھميل حالت ۾ داڦ ذريعي تيار ڪري، گندگاهه زمين ۾ شامل ڪري ان کي سڙڻ يا ڳرڻ ڏنو ويندو آهي ۽ پوءِ سارين جي پوکيءَ لاءِ زمين کي تيار ڪبو آهي. ٻج جي پوکائيءَ دوران زمين مان واڌو يا اضافي پاڻي ڪڍي ڇڏبو آهي ته جيئن پوک جا سلا اثرائتي نموني اڀرن ۽ مضبوط ٿين. هن طريقي موجب خشڪ ٻج يا اڳواٽ ڦٽل ٻج هڪجھڙائيءَ ۾ ڇاٽو ڪبو آهي يا خشڪ زمين ۾ 38 ڪلوگرام في ايڪڙ جي حساب سان ناڙي ڪبي آهي.
پاڻيءَ اندر ڇاٽو (Broadcasting in Water): هن طريقي موجب سنڌ جي ڏاکڻي علائقي، لاڙ ۾ ساريون پوکيون وڃن ٿيون، جنهن لاءِ تيار زمين ۾ پاڻي ڏئي ٻج ڇٽيو ويندو آهي. سارين لاءِ زمين خشڪ حالت ۾ تياريءَ بعد اهڙين زمينن ۾ ٻن کان ٽن ڏينهن لاءِ 5 کان 10 سينٽي ميٽر جالارو پاڻي ڏبو آهي. بعد ۾ ٻج بيٺل پاڻيءَ اندر 45 کان 55 ڪلوگرام في ايڪڙ جي حساب سان ڇٽ ڪبو آهي. اهڙيءَ طرح نَون سلن جي تندرست واڌ لاءِ زمين مان واڌو يا اضافي پاڻي ڪڍي ڇڏجي. بعد ۾ صرف 2.5 سينٽي ميٽر جو تهه ڇڏيو وڃي.