چانڊيا 1

چانڊيا 1: چانڊيا سنڌ جو هڪ وڏو قبيلو آهي، جيڪو سنڌ جي هر علائقي ۾ آباد آهي. چانڊيا مير جلال خان جي ٽئين نمبر فرزند هوت جي اولاد مان ڄاڻايا وڃن ٿا. هن ذات تي اهو نالو سندن وڏيري جي پويان پيو، جنهن جو نالو چانڊيو هو. 17 صدي عيسويءَ ۾ چانڊيا سيوهڻ جي باغبان پرڳڻي ۾ رهندا هئا. هن قبيلي جا ماڻهو پوکي راهي ڪندا هئا. وٽن چوپايو مال جام هوندو هو. مير ابوالقاسم نمڪين جي دور ۾ کانئن ڍل ڪانه ورتي ويندي هئي. مغلن جي دور ۾ چانڊين ساڻن ڪيتريون جوٽڻيون جوٽيون، سندن ڪاررواين کان تنگ ٿي، مغلن کين ’حر فروش‘ جو لقب ڏنو، ڇاڪاڻ ته چانڊيا، مغلن جي ظلمن کان تنگ ٿي، مغل عملدارن کي کڻي ويندا هئا. مغل حاڪم هئا، ان ڪري اهي پاڻ کي ’آزاد انسان‘ سمجهندا هئا، ۽ سنڌ کي مفتوح علائقو سمجهي، مقامي ماڻهن کي ’غلام‘ سمجهندا هئا. ان ڪري پنهنجن ظلمن ۽ ڏاڍاين کي جائز عمل سمجهي، مقامي ماڻهن جي ردعمل کي نندڻ پنهنجو حڪمراني شان سمجهندا هئا.
انگريزن جي سنڌ تي قبضي کان اڳ ۾ چانڊين جو پهريون سردار ولي محمد خان هو، جنهن کي انگريزن سان وفاداريءَ جي عيوض شڪارپور، لاڙڪاڻي، قنبر ۽ ان جي آسپاس ۾ ڏيڍ لک ايڪڙ زمين جاگير طور ڏني وئي. سردار ولي محمد جون 1850ع ۾ وفات ڪئي. سندس جاءِ نشين پٽس غيبي خان ٿيو، جيڪو 1886ع ۾ وفات ڪري ويو. غيبي خان جو پٽ ڏاتو خان پنهنجي والد جي وفات کان ٿورو عرصو ئي پوءِ وفات ڪري ويو، جنهنڪري

غيبي خان جو پوٽو محمد خان قبيلي جو سردار ٿيو. 1898ع ۾ محمد خان ۽ سندس وڏي پٽ عالم خان جي هٿان مارجي ويا. جنهن کان پوءِ محمد خان جو ٻيون نمبر پٽ علي نواز عرف غيبي خان، چانڊين جي قبيلي جو سردار ٿيو. هن قبيلي جا اهي سردار سنڌ ۾ لاڙڪاڻي لڳ پنهنجي جاگير ۾ رهندا هئا. هن وقت نواب غيبي خان جو پٽ احمد سلطان، چانڊين جي قبيلي جو پڳدار آهي. سنڌ ۾ هن قبيلي جون ذاتيون: غيباڻي، گوگاڻي، چولياڻي، ٻٻراڻي، بُزبراڻي، ٻڍاڻي، گورا، ڪارا، خيراڻي، ختناڻي، قنبراڻي، جھانگياڻي، هيسباڻي، شنباڻي، گـرامـاڻي، ڪـوهه لاکاڻـي، مـرزاڻي، مارفاڻي، ميرواڻي، مستوئي، مصرياڻي، موندرياڻي، نٿراڻي، پلال، سکاڻي، سندراڻي، اڍلاڻي وغيره مشهور آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو