چانڊين ۽ مگسين جي جنگ: بلوچن جا چانڊيا ۽ مگسي قبيلا هڪ وڏيءَ مدت تائين هڪٻئي سان صلح ۾ رهيا. 9 صدي هجريءَ (15 صدي عيسويءَ) ۾ رندن ۽ لاشارين جون جنگيون ٿيون. ارغونن رندن جي مدد ڪئي ۽ سنڌ جي حاڪم ڄام نظام الدين سمين لاشارين جي مدد ڪئي. ڇاڪاڻ ته ڄام جي وزير ۽ سپهه سالار دريا خان جا لاشارين سان واسطا هئا. انهن جنگين ۾ چانڊيا ۽ مگسي، لاشارين جي طرف هئا، ۽ پڻ دريا خان جي سپهه سالاريءَ هيٺ سبيءَ طرف ارغونن سان وڙهيا. ان وقت کان وٺي هو هڪٻئي جا مددگار ۽ رندن جا مخالف رهيا. انهيءَ ڪري ئي جڏهن مگسين ۽ جمالين جو تڪرار ٿيو ۽ رند سردار شير محمد خان مگسين خلاف اُٿيو، ته مگسين چاندين جي سردار ولي محمد خان کي مدد لاءِ چيو. ولي محمد خان پهريائين مگسي سردار کي چيو ته جنگ کان صلح چڱو آهـي ۽ آءٌ وڃـي ٿـو رنـد سـردار کي سمجهايان ۽ مڃايان. هو ويو، پر سردار شير محمد خان نه مڃيو ۽ پوءِ اهڙو اظهار ڪيائين ته: منهنجي ترار مزو ئي تڏهن ڪندي، جڏهن ميدان ۾ چانڊيو به مگسيءَ سان گڏ هوندو. پوءِ ست هزار چانڊيا ۽ ٽي هزار مگسي، رنـدن جـي لـشـڪـر جـي سـامهـون ٿيا. ان جنـگ ۾ ولـي محمد خان پاڻ سڌو شير محمد خان تي حملو ڪري کيس ماريو.
شير محمد خان رند وڏيءَ همت وارو هو، پر مارجي پيو، پر مگسين سندس سر وڍي، پاڻ سان گڏ ’جهل‘ ڏانهن کڻي وڃڻ چاهيو. اها ڳالهه ولي محمد خان کي نه وڻي ۽ هو مگسين تي ڪاوڙيو ۽ سردار جو سر پنهنجي قبضي ۾ ڪيائين ۽ لوٿ سان گڏ سبائي ڍَڪائي، سردار شير محمد ڏانهن ڏياري موڪليائين. انهيءَ تي مگسي ڦري چانڊين جا مخالف ٿيا. اهڙيءَ طرح صدين تائين صلح سانت ۾ رهندڙن جي وچ ۾ نفاق پيدا ٿيو. سردار شير محمد خان سان جنگ کان اڳ، ڪن سڄاڻن ولي محمد خان کي پئي چيو ته رند سردار سان ٿو وڙهين ته ڄڻ پنهنجو ڀاءُ ٿو مارائين.
چانڊين ۽ مگسين جي پهرين جنگ اها هئي، جنهن ۾ جعفر خان ڀوتاڻيءَ مگسيءَ کي ماريو. انهيءَ جنگ ۾ جڏهن مگسين تي سوڙهه ٿي، تڏهن جعفر خان ميدان مان هٽيو ۽ ميدان ٿي ڇڏيائين، جو صوڀي چانڊيي ڪُڏي وڃي کيس ماريو. صوڀو اَرڏو ۽ جنگ جو جهونجهار هو. هن کان ڳ ٻين سان به وڏا مقابلا ڪيا هئائين. تڏهن ته ڪنهن عوامي شاعر سندس ساراهه هن طرح ڪئي هئي:
وڍي ڪوڪل ٻير جيئن، پر ڏيندو هو پور،
جن صوڀي سندا سور، سي رڙنديون وتن راڄ ۾.
هن جنگ ۾ جعفر خان ڀوتاڻي گهوڙي تي هو، جو صوڀي مٿس جُلهه ڪئي ۽ گهوڙي تان ڪيرائي مڙس کي ماريائين ۽ پوءِ پاڻ به جعفر خان سان گڏ اتي ئي ماريو ويو.
جڏ ڀوت ڀڄڻ جي ڪئي، تڏ مڳ ڏنو موڙو،
موٽائي مگسيءَ جو، گهوٽ ڪڍيو گهوڙو،
پنج هنيائين پڙ تي، خان وڌو کوڙو،
زخمن زور ذَرا ڪيو، سنگ نه ٿيو سوڙهو،
لاهي ويو لوڙو، صوڀو شير شهيد ٿيو.
جعفر خان جي مارجڻ کان پوءِ مگسين جو لشڪر بيهي نه سگهيو ۽ سندن هار ٿي.
(حوالو: جنگناما، مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ، ٻيو ڇاپو، 2007ع)