چانڊيو، احمد علي ’صابر‘

چانڊيو، احمد علي ’صابر‘

چانڊيو احمد علي ’صابر‘

چانڊيو، احمد علي ’صابر‘: شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار احمد علي ’صابر‘ چانڊيو ولد نواب خان چانڊيو، 14 جولاءِ 1952ع تي ڳوٺ ڇاڇڙي، تعلقي ميرو خان، ضلعي قنبر ۾ ڄائو. پرائمري تعليم 1965ع ڌاري ڀر واري ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهيو. 1971ع ۾ مئٽرڪ ڪيائين. 1975ع ۾ ايم. اي (سنڌي ادب)، 1979ع ۾ ايم. اي (پوليٽيڪل سائنس) ۽ 1981ع ۾ ايل. ايل. بي ڪيائين. سٺو شاعر ۽ ڪمپيئر رهيو آهي. ٽيليفون کاتي ۾ آپريٽر جي حيثيت ۾ رٽائـر ڪيائـيـن. سنڌي ادبي سنگت شھدادڪوٽ جو باني سيڪريٽري رهيو آهي. سندس هيٺيان ڪتاب شايع ٿيل آهن: (1) ’گهايل منهنجا گيت‘ (شاعري)، (2) ’پياسي سِپ سمونڊ ۾‘ (ڪهاڻيون)، (3) ’ڪويڄن ڪُٺي آهيان‘، (ناول)، (4) ’ڪاڪ ڪڪوري آءُ‘ (شاعري).
هن وقت لاڙڪاڻي شھر ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.07.14  عيسوي

شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار احمد علي ’صابر‘ چانڊيو ولد نواب خان چانڊيو، 14 جولاءِ 1952ع تي ڳوٺ ڇاڇڙي، تعلقي ميرو خان، ضلعي قنبر ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ايني بيسنت
خير محمد خان استاد
سونو مل کنگهاراڻي
جھانگير بدر
اَجن فقير ڏيرو
استاد سينڌو خان
پرمانند ڀنڊار
چوهاڻ ڀريو گاروڙي
تيجواڻي ڪمار
مير ابوالقاسم خان زمان ٺٽوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون