چانڊيو، حڪيم محمد عالم: حڪيم محمد عالم چانڊيي ولد اميد علي چانڊيي، ڳوٺ ’بٺي‘ تعلقي ميرو خان، ضلعي قنبر- شھداد ڪوٽ ۾ 1901ع ڌاري جنم ورتو. مولانا مير محمد ڏنگائيءَ کان ديني تعليم حاصل ڪري فارغ التحصيل ٿيو. ان کان پوءِ جامعہ مليه ڪاليج دهليءَ مان، طب جي تعليم پرايائين. ڪجهہ وقت پنھنجي ڳوٺ ۾ ۽ بعد ۾ لاڙڪاڻي ۾ دواخانو هلايائين. لاڙڪاڻي ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪيائين. پنھنجي ڌنڌي ۾ نهايت ڪامياب رهيو. حڪيم محمد عالم سياست ۾ بہ حصو ورتو. خلافت تحريڪ ۽ مسجد منزل گاھہ هلچل ۾ ڀرپور حصو ورتائين. سياسي طور انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ سان لاڳاپيل رهيو. ڪجهہ وقت لوڪل بورڊ جو ميمبر بہ رهيو. 22 نومبر 1972ع تي وفات ڪيائين.