
سريمڻ خان چانڊيي جي قبر
چانڊيو، سريمڻ: ڄامن سمن جي دور ۾ ڪيئي ڪردار اهڙا ٿي گذريا، جن وطن جي حفاظت لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. سريمڻ خان چانڊيو بہ انهن مان هڪ مکيہ ڪردار ٿي گذريو آهي. ڄام نندي (1461- 1508ع) جي آخري دور ۾، قنڌار جي ارغون حاڪم مير ذوالنون ارغون، مرڪزي ايشيا ۾ ايندڙ تبديلين سبب سنڌ تي قبضو ڪرڻ جي تياري ڪئي. ان دور ۾ سنڌ جون سرحدون سبي شھر تائين هيون ۽ سنڌ جو لشڪر بولان لَڪَ جي حفاظت ڪندو هو. 1485ع ۾ ذوالنون جو پٽ سلطان محمد سبيءَ تي حملي آور ٿيو. اتي مقرر ٿيل سنڌ جو گورنر بھادر خان شڪست کائي ڀڄي آيو. 1490ع ۾ دولھہ دريا خان ڪثير لشڪر سان سبيءَ تي ڪاهي ويو. سلطان محمد ارغون مارجي ويو ۽ سنڌي لشڪر سبيءَ تي پنهنجو حق حاڪميت بحال ڪري ورتو. ارغون ڄام نندي جي دور ۾ وري سنڌ يا سبيءَ تي حملي آور نہ ٿيا. ڄام نندو 1508ع ۾ فوت ٿي ويو. بعد ۾ سندس نا اهل پٽ ڄام فيروز سنڌ جو بادشاھہ بنيو.
دريا خان اتر سنڌ ۽ خاص سبي- ڍاڍر ۾ جيڪي سوڀون حاصل ڪيون، انهن ۾ ٻئي لشڪر سان گڏ سريمڻ خان چانڊيو پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن پنھنجي قبيلي جي ماڻهن کان سواءِ ڪجهہ ٻين قبيلن کي بہ پاڻ سان ملايو ۽ دريا خان جي فوجي مدد ڪئي. روايتن موجب دريا خان جي سفارش تي، ڄام نندي وقت جي هـن بـهـادر شـخـص سريمڻ خان کي هڪ وڏي جاگير ڏني. ان سـان گــڏ هـن کـي غيبي خان جو خطاب پڻ مليو. جڳ مشھور محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’رهاڻ هيرن کاڻ‘ (جلد ڇهون) ڪتاب ۾ جاگير جا تفصيل ڏنا آهن. پاڻ لکي ٿو تہ جاگير ۽ خطاب 1501 (907ھہ) ۾ ڏنا ويا. ان بعد سريمڻ خان جي طاقت وڌي ۽ چانڊيا قبيلي جي سردار طور پڻ هن جو اثر وڌي ويو. اصل سند غيبي ديري جي چانڊين نوابن وٽ صدين کان وٺي محفوظ آهي. خاندان ۾ موجود دستاويز موجب، سريمڻ خان کي مليل جاگير جون حدون هن ريت هيون: اوڀر ۾ باغبان پرڳڻو، جاگير مخدوم بلاول ۽ سردار سڄڻ خان مھر جي شڪارگاھہ تائين؛ اتر ۾ گھرام خان لاشاري جاگير ۽ سڄڻ خان مھر جي شڪارگاھہ تائين؛ اولھہ ۾ کيرٿر، گورک، ڏاڙهيارو ۽ گاج تائين؛ ڏکڻ ۾ پرڳڻو ۽ جاگير دريا خان، مخدوم بلاول جي جاگير باغبان پرڳڻي تائين؛ سريمڻ خان جي وفات کان پوءِ هن جو پٽ وريل خان چانڊين جو اڳواڻ بنيو. هي سلسلو جديد دور ۾ نواب غيبي خان، نواب احمد سلطان، نواب شبير احمد ۽ هاڻي سردار احمد چانڊيي تائين هلندڙ آهي.
هن خطي ۾ چانڊين جي اثر رسوخ جي ڪري، علائقي تي ’چانڊڪا‘ نالو پئجي ويو. مغل دور ۾ چانڊڪا پرڳڻو، بکر سرڪار جي تابع هو. ڪلهوڙا دور ۾ جڏهن لاڙڪاڻو شھر وجود ۾ آيو، تڏهن چانڊڪا نالي ۽ پرڳڻي جي اهميت گهٽجندي وئي. شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي دور حڪومت (1971- 1977ع) ۾، جڏهن لاڙڪاڻي ۾ ميڊيڪل ڪاليج تعمير ٿيو، تڏهن ڀُٽي صاحب جي حُڪم تي ان جو نالو ’چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج‘ رکيو ويو.