چانڊيو سٻڙ خان

چانڊيو، سٻڙ خان: ميان سرفراز خان ڪلهوڙي جي اشاري تي جڏهن حسين مرڙاڻي، مير بھرام خان ٽالپر کي ماري ڇڏيو، تڏهن عرضي خدمتگار درٻار جو اندران در کولي دانهون ڪندو روئندو ۽ چوندو نڪتو تہ هاءِ هاءِ مير بھرام قتل ٿي ويو. درٻار جي ٻاهر مير بھرام خان جو پٽ مير صوبدار خان بيٺو هو. سو اهو ٻڌي تپي باھہ ٿي ويو ۽ يڪدم اتي بيٺل بخش ليکي کي قتل ڪيائين ۽ درٻار ۾ جيئن ئي درٻار ۾ داخل ٿيو تہ ميان سرفراز خان وٺي اندر ڀڳو ۽ راڄو ليکي، بخش ليکي جي لاش ڏي ڀڳو، مير صوبدار باقي رهيل درٻارين تي حملو ڪري ڏنو. مير صوبدار ڪافي بھادر سپاهي جهٽ پٽ ۾ قتل ڪري ڇڏيا. تنهن کان پوءِ سٻڙ خان جانوري مير صاحب تي حملو ڪيو. سٻڙ خان جانوري جڏهن بہ گهران نڪرندو هو تہ ٻہ تلوارون چيلھہ جي ٻنهي پاسي ٻڌي پوءِ نڪرندو هو ۽ هميشہ چوندو هو تہ آءُ هڪ ئي ضرب سان قتل ڪندو آهيان. جڏهن مير صاحب سٻڙ خان کي ايندو ڏٺو تہ مير صاحب زوردار نعرو هنيو ۽ سٻڙ خان بہ نعري جي جواب ۾ چيو تہ ”ڇوڙ ڏي اپڻي تيغ و سپر“، مير صاحب جواب ڏنس تہ ”آ تہ ڇوڙ ڏيوان“. جڏهن سٻڙ ويجهو آيو تڏهن مير صاحب اهڙو تہ زوردار وار ڪيو جو سٻڙ خان جو پيٽ ڦاٽي پيو ۽ مري ويو. ياد رهي تہ جانوري، چانڊيا قبيلي جو هڪ پاڙو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو