
چانڊيو، شادي خان ۽ سندس مقبرو
چانڊيو، شادي خان ۽ سندس مقبرو: شادي خان ولد سالار خان چانڊيو، ٽالپرن جي دور ۾ سڪرنڊ جو مشھور زميندار ۽ هلندي چلندي وارو شخص ٿي گذريو آهي. شادي خان، خيرپور جي والي مير سهراب خان ٽالپر جو درٻاري هو. محرم 1205ھہ ۾ وفات ڪيائين. سندس آخري آرامگاھہ تعلقي سڪرنڊ ۾ سندس نالي پويان قائم ڳوٺ شادي خان چانڊيي جي ڀر ۾ ’راهو رتول قبرستان‘ ۾ موجود آهي. سندس مزار مٿان عاليشان مقبرو جڙيل آهي، جنهن جي ڊيگهہ ۽ ويڪر 17x17 فوٽ ۽ اوچائي 26 فوٽ آهي. اڏاوت ۾ پڪيون سرون ۽ گچ گارو استعمال ٿيل آهي. ديوارن تي چن ۽ مٽيءَ جو ليپو ڏنل آهن. گنبذ ابتي گول پيالي وانگر آهي. مرمت نہ ٿيڻ ڪري مقبري جي حالت زبون آهي. مقبري ۾ شادي خان چانڊيي سان گڏ سندس گهر واري بہ دفن ٿيل آهي. ٻنهي قبرن تي ڪو بہ ڪتبو وغيرہ لڳل نہ آهي.