چانڊيو، شھمير خان ’شھمير‘: شھمير خان ولد جلال چانڊيو، 14 اپريل 1894ع تي ٽنڊي ولي محمد، ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس وڏا اصل ۾ ڳوٺ گاهي، تعلقي وارھہ، ضلعي لاڙڪاڻي جا رهواسي هئا. هن جو ڏاڏو نواز علي بني علم جو تمام وڏو ڄاڻو هو، جيڪو لاڙڪاڻي مان لڏي اچي حيدرآباد ۾ مقيم ٿيو هو. هن 1912ع ڌاري بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ پاس ڪئي. تعليم جي حصول کان پوءِ روينيوکاتي ۾ ڪلارڪ مقرر ٿيو. هيءُ شاگرديءَ واري دؤر ۾ محمد صديق مسافر، مرزا مدد علي بيگ ۽ ٻين ناليوارن اديبن ۽ شاعرن وٽ پڙهيو. هن جو مزاج نهايت ئي اعليٰ گُڻن وارو هو. هن شاعريءَ ۾ غزل، رباعي، مثنوي ۽ منقبت جهڙين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. هيءُ بزم ادب حيدرآباد جي بنياد وجهندڙن مان هو. هن جو ڪلام ’گلدستو فقير عرف علامہ‘ جي عنوان سان ڪتابي صورت ۾ ٻن جلدن تي ڇپيل آهي. سندس ڪلام جو پهريون جلد 1936ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ 48 ڪافيون ۽ ٻئي جلد ۾ 200 غزل ۽ ڪافيون ۽ هڪ سُر رامڪلي ۽ ٽيھہ اکري شامل آهن. هن تي مرزا قليج بيگ ۽ مير عبدالحسين سانگيءَ جي شاعري جو گهرو اثر هو.
شھمير خان چانڊيي، 19 جون 1958ع تي وفات ڪئي
1894.04.14 عيسوي
شهمير خان ولد جلال چانڊيو، 14 اپريل 1894ع تي ٽنڊي ولي محمد، ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.
1958.06.19 عيسوي
شهمير خان چانڊيي، 19 جون 1958ع تي وفات ڪئي