عبدالحميد چانڊيو
چانڊيو، عبدالحميد: نامور ديني عالم، مولوي عبدالحميد ولد مولوي عبدالله چانڊيو، 5 جنوري 1934ع تي سيتا روڊ، ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو. سندس والد جيد عالم ٿي گذريو آهي ۽ اصل ملان جي ڳوٺ، ضلعي شڪارپور جو رهاڪو هو ۽ بعد ۾ لڏي اچي سيتا روڊ ۾ رهيو. مولوي عبدالحميد چانڊيي جو تعلق فقهه جعفريه سان هو. هن ابتدائي تعليم گٽهڙ (ضلعي لاڙڪاڻي) ۾ حاصل ڪئي. عربي، فارسي ۽ ديني تعليم پنهنجي والد وٽان پڙهي وڌيڪ تعليم ٺيڙهي ۽ گوري پهوڙ جي مدرسن ۾ حاصل ڪيائين. سندس والد ديوبند مسلڪ سان وابسته هو، جنهن کيس تعليم ۽ تربيت ان مسلڪ مطابق ڏياري، پر جڏهن عبدالمجيد چانڊيو 26 سالن جو ٿيو ته سندس طبيعت جو لاڙو فقھ جعفريه طرف ٿيو ۽ هن شيعه ’اثنا عشريه‘ مسلڪ اختيار ڪيو. فن خطابت ۾ وڏي شهرت رکندو هو. سنڌي ۽ اردو زبانن ۾ فصيح ۽ بليغ انداز ۾ تقرير ڪندو هو. هر مسئلي جو حل قرآن پاڪ ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ علمي ۽ عقلي دليلن سان پيش ڪندو هو. ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اهلبيت ڪرام جي ياد ۾ ٿيندڙ مجلسن ۾ گهڻوڪري کيس گهرايو ويندو هو. هر سال محرم الحرام جا ڏهه ڏينهن پنجاب ۾ مختلف مجلسن ۾ گذاريندو هو. مجلس ۾ مصائب پڙهڻ وقت ٻڌندڙن تي سحر طاري ڪري ڇڏيندو هو، ان ڪري کيس ’شهنشاهه مصائب‘ به سڏيو ويو. مولوي عبدالحميد حق گوئيءَ ۾ به مشهور هو. وقت جي ڪنهن حڪمران کان خائف نه ٿيو. سندس تقريرن جون 50 کان وڌيڪ آڊيو ۽ وڊيو ڪئسٽون رليز ٿيل آهن. مولوي عبدالحميد شروعاتي دور ۾ سياست سان به وابسته رهيو. ڪجهه عرصو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ سان گڏ سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ ڪم ڪيائين. 1970ع کان پوءِ ڪجهه وقت سياسي طرح شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي سان به رهيو.
هن عالم دل جي دوري سبب 2003ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهه شيخ زيد موڙ قبرستان لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي والد جي ڀر ۾ آهي
1934.01.05 عيسوي
نامور ديني عالم، مولوي عبدالحميد ولد مولوي عبدالله چانڊيو، 5 جنوري 1934ع تي سيتا روڊ، ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو.