
مولانا عبدالله، چانڊيو
چانڊيو، عبدالله، مولانا : سنڌ جو مشھور ناميارو ديني عالم مولانا عبدالله ولد غلام حيدر چانڊيو 19 فيبروري 1902ع تي ڳوٺ ملان چانڊيي (جواب پور چانڊيي)، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. سنڌي فائنل جو امتحان 1919ع ۾ پاس ڪيائين. فارسي تعليم لاءِ ڳوٺ واصل جي مدرسي ۾ داخل ٿيو. ڪن ٻين مدرسن مان پڙهڻ کان پوءِ وڌيڪ ديني علم حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ 1921ع ۾ ’ديوبند‘ دهليءَ ويو، جتي مولانا حسيـن احـمـد مـدني، مولانا غلام رسـول پشاوري، مولانا اعزاز علي کان تحصيل عـلم ڪيائين. ان بعد واپس موٽي اچي 1933ع ۾ مولانا ڪوهاٽي صاحب وٽ دستاربند ٿيو. ان کانپوءِ تعلقي ڳڙهي ياسين جي هڪ مدرسي ۾ پڙهائڻ لڳو. مولانا عبدالله چانڊيو پنھنجي وقت جو جيد عالم ٿي گذريو آهي، کيس زبان ۽ بيان جي حوالي سان ’سنڌ جو شاھہ ولي ﷲ‘ سڏيو ويندو هو. قرآن، حديث، فقھہ، فلسفي ۽ منطق تي عبور رکندو هو. وڏا وڏا عالم سندس احترام ڪندا هئا. ديني عالم هئڻ سان گڏ وڏو دور انديش شخص هو. هو دين ۽ سياست جي ميلاپ جو مخالف هو. مولانا عبدالله چانڊيي پنھنجي ڳوٺ ملان چانڊيي ۾ مدرسو کولي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي. ٻير شريف جو بزرگ مولانا عبدالڪريم قريشي سندس شاگرد هو ۽ ان مدرسي ۾ پڙهيو هو. ڳوٺ جي وڏيري جي مخالفت سبب اڳتي هلي پير جهنڊي ڳوٺ ۾ مدرسيه راشديه ۾ پڙهائڻ لڳو. مولانا صاحب پير جهنڊي، ملان جي ڳوٺ (شڪارپور)، ٺيڙهي، گوري پهوڙ، شڪارپور، امروٽ، گٽهڙ، وارھہ، کرڙاھہ ۽ ٻين مدرسن ۾ پڙهايو.
مولوي عبدالله چانڊيو اعليٰ پايي جو شاعر بہ هو. شاعريءَ ۾ ’عبد‘ تخلص استعمال ڪندو هو. هن سنڌي، سرائيڪي، عربي ۽ فارسي زبانن ۾ شاعري ڪئي آهي. لوڪ شاعريءَ جي مختلف صنفن، مناجات، مولود، ٽيھہ اکرين، معجزن، ڪافين ۽ معراج نامن تي طبع آزمائي ڪيائين. نعت ۽ حمد بہ لکيائين. هن سنڌيءَ کان سواءِ فارسي ۽ عربيءَ ۾ بہ شاعري ڪئي. سندس شاگردن مان: (1) علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي، (2) مولانا عبدالڪريم قريشي (ٻير شريف وارو)، (3) مولوي علي محمد حقاني، (4) مولوي محمد شاھہ (امروٽ وارو)، (5) مولوي عبدالواحد مهر، (6) مولوي عبدالحئي چانڊيو ۽ ٻيا ڪيترا مشھور عالم ٿي گذريا آهن. سندس تصنيفن ۾: (1) ’تفسير سـورة يـاسيـن‘، (2) ’حـق الاظـهـار‘، (3) ’مـعـراج نـامـه‘، (4)’افـڪـار عبيـدي‘، (5) ’خلفاءِ ثلاثہ‘، (6) ’مقابلات‘، (7) ’قرآن مجيد جو تفسير‘، (8) ’حضرت علي عه ٻين اصحابن کان افضل آهن‘. (9) ’ڇا ڏٺو آهي تو‘ (تنقيد) ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن. کيس ٽي پٽ ٿيا: عبدالمجيد (سرڪش سنڌي)، مولوي عبدالحميد چانڊيو ۽ عبدالرشيد ماهر (طبي حڪيم).
مولوي عبدالله چانڊيي اپريل 1984ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ لاڙڪاڻي جي لاهوري محلي قبرستان ۾ آهي.
1902.02.19 عيسوي
مولانا عبدالله ولد غلام حيدر چانڊيو 19 فيبروري 1902ع تي ڳوٺ ملان چانڊيي (جواب پور چانڊيي)، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.