غلام رباني چانڊيو

غلام رباني چانڊيو

چانڊيو غلام رباني

چانڊيو، غلام رباني: نامياري فنڪار غلام رباني ولد سجاول فقير چانڊيي ڏهين مئي 1966ع تي ڳوٺ ننگر خان چانڊيي، تعلقي موري ۾ جنم ورتو. کيس ننڍپڻ کان ئي راڳ جو شوق هو. سنڌ جي ڀلوڙ راڳي چاڪر خان چانڊيي کان راڳ جي سکيا ورتائين. غلام رباني چانڊيو هن وقت تائين سنڌ جي اڪثر مشھور درگاهن ۽ ميلن تي ڳائي چڪو آهي. ريڊيو ۽ ٽي. وي جو مقبول فنڪار آهي. فن جي مڃتا طور ڪافي انعام حاصل ڪيا اٿس. سندس ڪيتريون ئي آڊيو، وڊيو ۽ سي ڊي ڪيسيٽون جاري ٿي چڪيون آهن. محمد قاسم ماڪا جي ‘AA’ ڪمپنيءَ هن جي ڳايل ڪلامن جون ڪيتريون ڪيسٽيون جاري ڪيون آهن، جن وڏي مقبوليت ماڻي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.05.10  عيسوي

نامياري فنڪار غلام رباني ولد سجاول فقير چانڊيي ڏهين مئي 1966ع تي ڳوٺ ننگر خان چانڊيي، تعلقي موري ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بختاور ڀٽو زرداري
شھباز شريف
خواجہ معين الدين
راهوجو ذوالفقار
خفيف III
ڄام بايزيد سمو
مولانا آخوند ڇٽو ڀٽي سيتائي
اختيار علي خشڪ
راشدي بديع الدين شاھہ
چٺا محمد حسين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون